واھُڙَ جي سنڌي معنيٰ
واھ، نديءَ مان نڪرندڙ واھي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of water course or canal. A branch of the river running off and joining it again.
واھُڙَ جا بيتن ۾ حوالا
وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرالِي،
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي والِي، ھِينئَڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 1 ]

واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]

واھُڙَ ڀَرِيُون مَ پاءِ، تو پُڻ ليکو ڏِيَڻو،
سَدا ساوَڻَ ڏِينھَڙا، ھِيئَن نَہ ھُونداءِ،
وِھاڻِيءَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاھان لَھِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 27 ]

واھُڙَ وَھِين مَ شالَ، ڦِٽِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين،
پَسان تُنھِنجي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ،
جِيئَن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 28 ]

ڀانيُمِ نَہ ڀيلو، مُون کي ڌاءَ ڌُتارِئو،
آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو،
تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 10 ]
آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو،
تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 10 ]
ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ رَوئَي ۽ راتِيان گِهڙي،
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]

جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو،
ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ،
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهميزُون مَلاحَنِ جُون.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 20 ]