واھَرَ جي سنڌي معنيٰ
سار، سنڀال، مدد، سھائتا، حمايت. همراهي، ڪمڪ، سموٽ. همراهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Protection, hope or one looked to for protection. Aid, assistance, succors, new of one’s state or condition.
واھَرَ جا بيتن ۾ حوالا
سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ،
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ،
ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ ۾، پَسِي ڀِينڊِيَنِ ڀيرَ،
آءُ آرِياڻِي اُسِرِي، ٿِي واھَرَ جِي ويرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، تُون پارِس رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 6 ]