واھيري جي سنڌي معنيٰ
آکيري ۾ پکين جي ويھڻ جي وقت. آرام جي جاءِ، آکيرو، پکين جي رهڻ جي جاءِ. آهيري، آڏي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A roost for birds, roosting, a nest.
واھيري جا بيتن ۾ حوالا
اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ سَڀَ نِھارِئا،
وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي وِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 2 ]
وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي وِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 2 ]
ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ نَہ وِجِهجَنِ پِڃِري،
سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ،
واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ جَهنگَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 38 ]
سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ،
واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ جَهنگَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 38 ]
English Meaning
A roost for birds, roosting, a nest.