نانگَ بابت
معنيٰ
بلائون، سرندڙ زهريلا جاندار. سَپَ. وڏا ٿلها بلاڙا.
Snakes, serpents. A kind of toxic reptile.

بيتن ۽ وائين ۾
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ، سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا، اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا، جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ، نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ، سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ، نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ، گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ، راوَلُ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جيڪي جوڳُ مَ پاءِ، نان تَہ نانگَنِ سين ناٿَ وانءُ، سامِي سي مَ لَڄاءِ، مُنڊا جي مَرڪاڻا.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ جُوانُ، ڪاھِ تَہ لَنگهيئِي، ڪانُ، نانگَنِ ھَٿان نِينھَن جو.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جوڳِينِ جي جُڳَنِ جِي، مَٿي ۾ مِٽِي، نانگَنِ نِنڊَ ڦِٽِي، وِئا رُوَندا رامَ ڏي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- گهِنڊَنِ پاسي گهِنڊَ، گُذارِينِ گودَڙِئا، پَليتِيءَ کان پانھِنجا، پاڪَ رَکِئائُون پِنڊَ، نانگَنِ ڪِي نَہ نِنڊَ، رُوَندا وَھِئا رامَ ڏي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينھَن، مَڙِهنِ اُٺا مِينھَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھَن جِي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، لاھي لانگوٽِي، جِھَڙا آيا جَھانَ ۾، تِھَڙا وِئا موٽِي،…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ، ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- وِچينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونھِنِ دُوسَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، بيراڳِي بي ھُوسَ، اِيءَ نانگَنِ جِي نامُوسَ، جِيئَن پَٽَ کَڻَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ نَمَنِ اُنِ کي، آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ، اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مَٿي جَهڙَ جَهڙِينِ، ٻيئِي ڪارايَلَ پاڻَ ۾، نُوڻِي نانگَ نَہ ڏِينِ، مُوران موٽَڻُ مِيهَڻُون.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- موران موٽَڻَ مِيهَڻون، نُوڻِي نانگَ نَہ ڪَنِ، ڪارايَلَ ڪارَنِ کي، ڳارا ڪِئو ڳِهَنِ، وٽِيين وِھُ پِيَنِ، سِڪَ سُرِڪِيين نَہ لَھي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سَرَ ۾ سانجِهيءَ وارَ، مورَنِ مانڊاڻا ڪِئا، سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ، ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِئو، جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- نانگَنِ سَندي نِجُهري، پيرُ پَرُوڙي پاءِ، تُنھِنجِي جاءِ نَہ ماءِ، اُتِ جُنگَنِ جي جوکو ٿِئي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- نِيرَ وَرَنا نانگَڙا، اَڇا پيٽَ سَندانِ، جُھ پِئو پيرُ مَٿانِ، تَہ اُنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- کَپُرَ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌوءِ ويرُ، نانگَ نَہ ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرَ مَٿي پيرُ، ھِيءُ تَنِ جو ڍيرُ، جَنِ جُهونا…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- آءُ نانگَ ٻِرَنِئان نِڪِري، ھِيءَ مُوران سَندِي جاءِ، گاروڙِي گِرنارَ جو، کَڻِئو کَپُرَ کاءِ، تَنِي لَيءِ واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سَپُ کَپُرَ سَڄا ڳِهي، نانگَ نِگُولِئو کاءِ، تَنِي کي واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- پھرِين ڪاري نانگَ جِي، ڇِرڪِئَلُ ڇيڙَ ڪَري، ھَڻي ڏَنگُ ڏَساڻُو، واڪو ڪِئو وَري، جيڪي ٺَپِ مَري، جيڪي سِڪي صِحَتَ کي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]