نانگَ جي سنڌي معنيٰ
بلائون، سرندڙ زهريلا جاندار. سَپَ. وڏا ٿلها بلاڙا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Snakes, serpents. A kind of toxic reptile.
نانگَ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا،
جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 12 ]
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا،
جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 12 ]
جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ نَمَنِ اُنِ کي،
آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ،
اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي ، مُوِڙھا مانَ ٻُڌَنِ،
ڳُجهان ڳُجَهہ وَڃَنِ، اَحَدَ جي اِسرارَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 11 ]
آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ،
اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي ، مُوِڙھا مانَ ٻُڌَنِ،
ڳُجهان ڳُجَهہ وَڃَنِ، اَحَدَ جي اِسرارَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 11 ]
مَٿي جَهڙَ جَهڙِينِ، ٻيئِي ڪارايَلَ پاڻَ ۾،
نُوڻِي نانگَ نَہ ڏِينِ، مُوران موٽَڻُ مِيهَڻُون.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 1 ]
نُوڻِي نانگَ نَہ ڏِينِ، مُوران موٽَڻُ مِيهَڻُون.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 1 ]
سَرَ ۾ سانجِهيءَ وارَ، مورَنِ مانڊاڻا ڪِئا،
سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ،
ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 7 ]
سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ،
ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 7 ]
آءُ نانگَ ٻِرَنِئان نِڪِري، ھِيءَ مُوران سَندِي جاءِ،
گاروڙِي گِرنارَ جو، کَڻِئو کَپُرَ کاءِ،
تَنِي لَيءِ واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 20 ]
گاروڙِي گِرنارَ جو، کَڻِئو کَپُرَ کاءِ،
تَنِي لَيءِ واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 20 ]
پھرِين ڪاري نانگَ جِي، ڇِرڪِئَلُ ڇيڙَ ڪَري،
ھَڻي ڏَنگُ ڏَساڻُو، واڪو ڪِئو وَري،
جيڪي ٺَپِ مَري، جيڪي سِڪي صِحَتَ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 22 ]
ھَڻي ڏَنگُ ڏَساڻُو، واڪو ڪِئو وَري،
جيڪي ٺَپِ مَري، جيڪي سِڪي صِحَتَ کي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 22 ]
کَپُرَ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌوءِ ويرُ،
نانگَ نَہ ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرَ مَٿي پيرُ،
ھِيءُ تَنِ جو ڍيرُ، جَنِ جُهونا ڳَڙُه جَلايو.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 19 ]
نانگَ نَہ ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرَ مَٿي پيرُ،
ھِيءُ تَنِ جو ڍيرُ، جَنِ جُهونا ڳَڙُه جَلايو.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 19 ]
مُوران موٽَڻَ ميھَڻو، نُوڻِي نانگَ نَہ ڪَنِ،
ڪارايَلَ ڪارَنِ کي، ڳارا ڪِئو ڳِھَنِ،
وٽِيين وِھُ پِيَنِ، سِڪَ سُرِڪِيين نَہ لَھي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 2 ]
ڪارايَلَ ڪارَنِ کي، ڳارا ڪِئو ڳِھَنِ،
وٽِيين وِھُ پِيَنِ، سِڪَ سُرِڪِيين نَہ لَھي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 2 ]
سَپُ کَپُرَ سَڄا ڳِھي، نانگَ نِگُولِئو کاءِ،
تَنِي کي واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 21 ]
تَنِي کي واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 21 ]
English Meaning
Snakes, serpents. A kind of toxic reptile.
نانگَ ٻول جا زمرا