نانگو جي سنڌي معنيٰ
ھندو سامين جو ھڪ قبيلو، جيڪو ڪپڙا لٽا ناھي پائيندو. بنا ڪپڙي جي، بنا پردي، اگهاڙو، عُريان، ننگو، برهنه، لانگوٽيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A caste of Hindu fakirs who go about almost naked and covered with dust.
نانگو جا بيتن ۾ حوالا
اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ چانگو،
لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو،
ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 32 ]
لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو،
ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 32 ]
نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو،
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
جِياسُون جوڙَ ٿِي، نانگو ڏِٺو نِتُ،
چُونچو ھُئَڙو چِتُ، کُلِي اَڄُ باغُ ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 21 ]
چُونچو ھُئَڙو چِتُ، کُلِي اَڄُ باغُ ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 21 ]
English Meaning
A caste of Hindu fakirs who go about almost naked and covered with dust.