ماڻُهو بابت
معنيٰ
ماڙهُو، انسان، بشر، شخص، پُرش، مرد، سُڌسُ. ڄَڻو، وانگي پَهر، ڌر، فرد. انسان جي پُوڄَ، آدم. آدم جو اولاد، آدم زاد، آدم ذات، انسان ذات، بني آدم، آدمي.
Man, human being (Lit. offspring of Adam), person, individual
بيتن ۽ وائين ۾
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ، ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ، آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ، سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ، پَلُرُ پِيارينِ،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، ديرا ڏِنائُون، ڪاٺِيءَ پاڻِيءَ، گاھَ کي، ماڻُهو مُڪائُون، چَڙَھَندي چَيائُون، ٿِيندِي ويڙِه وَڏاندَرِي.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، ماڻُهو شَھَرَ ڀَنڀورَ جا، سا موٽِي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِئا.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن، رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن، ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- چَونِمِ مَرُ چَرِي ٿِي، پَرَ جي سَڏُ سُڻِينِ، مَرُ مُونھِين کي ڏِينِ، ماڻُهو اَچِئو ميھَڻا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ماڻُهو ڏيئِي ميھَڻا، مُون کي ڪَندا ڪوھُ، جَي ڇورِيءَ ۾ ڇوھُ، پِٿُون ٿِيندِي پيرَ تي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ، اِيءَ عِشقَ جو آوازُ، ماڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون پُونِ، ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِي چَيو چُوَنِ، آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾، ماڻُهو مِرُون…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي، ٿِي ڊوڙائي دَلِيلَ، تَہ پُنهونءَ ماڻُهو موڪِلِئو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، ھُئا جوراڻا جَتَ، ايڌا نِڌَوَ ايگَوان، پَلاڻِئا پَربَتَ، ماڻُهو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگانَ.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- اَچِئو مَرُ اَچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ، ڪَمِيڻِي ماڻُهو ٿِي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ھوتَ ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڙي بَلوچَ، موٽِي آءُ ڀَنڀورَ ۾، سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، لِڪِي وِچان لوڪَ، ماڻُهو ڏيِنِمِ ميھَڻا،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين، دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ، ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو، ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ، دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ، ٻِئو…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجي، ماڻُهو ڪِي مُومَلَ، ڪَپَرِ مَنجهان ڪَلَ، پييَمِ پِرِين تُنھِنجِي.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻا ويھُ رَھِي، ماڻُهو جي مَحلاتَ جا، سوڍا ڪِجِ سَھِي، ويندِيئِي ڳالِهہ وَھِي، وِڪَرِ پُوندين وَلَها.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- لَڏي تَہ لَڏَڻُ ڏِئو، اِيءَ مُنڌَ مَ ڊوھِئو ماڻُهوئا، اِيءَ اِھَڙِي سَٻَرَ جوءِ، جَنھِن مَڻيي تي وَرُ مَٽِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ، سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيا، سَھِسين ساٽِي مُٺَ، سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو وَڃَنِ موٽِئا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- نَہ ڪا بُوءِ بازارَ ۾، نَہ ڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ، جِتي ڏَنڀَرِيُنِ جِي، اَڳي ھُئِي اَکُٽَ، سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- عُمَرَ اوٺِي آيو، مَلِيران ماڻُهو، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، سائُون ساماڻُون، عُمَرَ اَباڻُون، کَٽو پِي خُوشِ ٿِيان.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- اُوَيرَ ڪونَہ آيو، ماڻُهو مَلِيران جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، اُٿِئو اُڪِيران، جُسو زَنجِيران، ڦارَڪُ ٿِئو فَقِيرِ جو.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- نُورِيءَ جَي نَوازِئو، ٿِئو تَماچِي تي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيَڙِيَيئن مي، ڪِينجُهرِ چُوندا ڪي، سَچُ سَڀَيئِي ڳالِهڙِي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي، تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]