صَرافَ بابت
معنيٰ
مٽاسٽا ڪرڻ دولت جي مٽا سٽا ڪندڙ. پارکُو، پرکيندڙ، سڃاڻندڙ. رپيا پرکيندڙ، سون چاندي پرکيندڙ. نقدي يا زيور جي ڏيتي ليتي ڪندڙ شاهوڪار، سونارو، شراف. سياڻو، سمجهو، تيز فهم، قاضي، مصنف، امين، ٽياڪر.
A banker, money-changer, examiner, marketeer.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ، تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِيئَن، وَنءُ صَرافَنِ سِينءَ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ، ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ، سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي، چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي، ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، بازِي ڀَڄِي ڇَڏِ، چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ، وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو ھَڏِ مَ لاھِ، آھي تَنِ اُونداھِ، جَنِ جَواھِرَ ضايَع ڪِئا.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاھِ مَ، لَڏِ، سودو سوئِيءَ ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ ناھِ ڪو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- تَہ تُون لَڏِجِ سونَ، جُھ صَرافَنِ لَڏِئو، قَدُرُ لَھَندَءِ ڪو نَہ، نيئِي گَڏيِندَءَ گَڏُونءَ سين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا، ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ، موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻ ڪوٺائِين جَوھَرِي، ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ، تَہ سَندَسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سينڌو ھُئين صَرافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئين ھِيئَن، جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏيِنھَن، جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- توڻي تُون ڪاتارِ جِمَ ھيڪَلِي ڀيرِيين، ڏِٺِي ڪا ڏُئارِ، صَرافَ تُنھِنجي سُٽَ ۾.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چائُتِ رَکِي چِتَ ۾، سَنُهو ڪَتِيو جَنِ، تَنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلُ نَہ ڪِئو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙئا جَنِ، تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِئو اَگهايو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪو جَو وَھُ ڪاپائِتِيين، ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهہ اَچَنِ، اُنَ جي سُونھَن سَيِّدُ چئَي، صَرافَ ئِي…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جٖي ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، اَٺَئِي پَھرَ اَرٽَ سين، تَنِ جو صَرافَنِ، ڦولِهئو ڪِينَ ڪِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جَنِي ڪِتو ڪالَهہ، سي پاڻان پييُون مامِري، جَنِي ٽَڪُ نَہ مالَهہ، سَرَھِيُون سي صَرافَ سين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]