سَمُنڊَ بابت
معنيٰ
ساگَر، سمُونڊ، ٻار، بحر، درياءَ اعظم، سائِر، کارو. اٿاھُ پاڻي.
Sea, ocean

بيتن ۽ وائين ۾
- سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جالَ، سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ، جي ماسو جُڙيئِي مالَ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سَمُنڊَ جٖي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي ميڙِئا، چِلُڙَ جي چُوسِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيُونۡ.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين، مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ، ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ويھُ سي وِساري چَڍا جي چِلُڙَ جا، ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي، پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ، لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ وِھايو، بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو، تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ، اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، اوتِيائُون عَنبِيرَ، مَهِنديين مُهِري مُصَطفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ، لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ، بَرِڪَتَ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- کِوَڻِ ٿِي کِواءِ، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي، ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو ٿو کِلين، سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو، صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ، اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ، پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ، سَمُنڊَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي، ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ، پَسِي سَخِتِي سَمُنڊَ جِي، ماندا…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- جُتو وانءُ جِھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ سين، پُورِيندي ھُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِجِ سازَ، اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون، جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سامانُ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، تَنِ لَنگِهئو طُوفانُ،…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن جٖي وِئا، سانداري سَمُنڊَ جي، نِھوڙي نِئا، وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻِجارَنِ جُون، آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا، سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ، سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- کُوھا ٿا ڏِسجَنِ، وَڙَڪَنِ اُڀِيون وانئُيِٽوُن، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪالَهُون پوءِ ٿا ڪَنِ، تُون نَہ پَڄَنديِنءَ تَنِ، جُھ سِڙُه ڏيئِي…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ، ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ، جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ وَرِيونِ، ٻارَھِين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ ڪاڄُ سَرِئونِ، ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي، مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان ڇُوھي ڇِنائي، ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي، تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي، ھُوندَ نَہ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙَڪا، سَھي ڪِينَ سَمُنڊَ جا، ماندِي دِلِ ڌَڙَڪا، ساھَڙَ سُڻِجِ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون، آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ، سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ، جٖي واڳُو واتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو، ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي، سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ، سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ، ھِي ڇارُون ۽…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]