ھَنجُ بابت
معنيٰ
پاڻيءَ جي سهڻي پکيءَ جو هڪ قسم، هَنسُ.
A wild goose.

بيتن ۽ وائين ۾
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ، پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ، پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- آيَلِ اُنِ نَہ وِسَھان، ھَنجُون جٖي ھارِينِ، آڻِئو آبُ اَکِيُنِ مان، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ، سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سي نَہ رُونِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- وِئَڙا ڪالُ ڪري، ٻارھين ماھِ نَہ موٽِئا، لَڳي تَنِ ڳَري، ڪِھَڙِيُون ھَنجُون ھارِيان.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وَڍِي ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري، ھُنَ پَنَ پانھِنجا سارِئا، ھُوءَ ھَنجُهون ھَڏَنِ لَئي ھاري.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان، لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان، ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان، جانِبُ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، روئِي نَہ ڄاڻان، مَٿي ڪِئو ڀُڻان، ھَنجُنِ ھاڻا ھَٿَڙا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- جيڪا ڪَندِي مَنجُهہ، مُون جِيئَن ٻاروچَنِ سين، مَٿان ڳَلَنِ ھَنجُ، ڪِينَ لاھِيندِي ڪڏِھِين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- سَسُئِيءَ کي ساڙو، لِکِئو آھي لوحَ ۾، ھوتَ لَنگِهئو ھاڙھو، ھِنَ ھَنجُون ھارَڻُ آيُون.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- والِي وَڃِي پَسان شالَ، ھيڪَرَ ھوتَ پُنهونءَ کي، جَنھِن ڪارَڻِ جالَ، ھاريان ٿِي ھَنجُنِ کي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ، ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو، ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ، تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي…[ سُر راڻو - وايون ]
- نيڻَ جٖي نِھارِينِ، سي اَڄُ نَہ اوٺِي آيا، ھَنجُون نَہ وَسائِينِ، پاڻِي پُنهونءَ ڄامَ ري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ”آئُون“ سين اِنَ پارِ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ پِئو، إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ، ھيڪِڙِيائِيءَ وَٽِ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ، راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ، آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- اَکڙِيُون اوڙاھَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ، پِٿُون جو پاتارِ، ھَنجُ تَنھِين جو ھيرَئُون.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو، وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- پَکِي پيھِي نِڱِئا، مَنجهان لِتَڙِنِ لَکَ، ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِي رَتا پَکَ، پُٺِيءَ لائي لَکَ، ھَلِئو ھَنجُ حَبِيبَ ڏي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھاڻِ، لَلَنِ کي لَطِيفُ چئَي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ، ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو ھَنجُ حَبِيبَ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي ھَنجُ، پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ، ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]