ھَنجُ جي سنڌي معنيٰ
پاڻيءَ جي سهڻي پکيءَ جو هڪ قسم، هَنسُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A wild goose.
ھَنجُ جا بيتن ۾ حوالا
جيڪا ڪَندِي مَنجُهہ، مُون جِيئَن ٻاروچَنِ سين،
مَٿان ڳَلَنِ ھَنجُ، ڪِينَ لاھِيندِي ڪڏِھِين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 16 ]
مَٿان ڳَلَنِ ھَنجُ، ڪِينَ لاھِيندِي ڪڏِھِين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 16 ]
اَکڙِيُون اوڙاھَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ،
پِٿُون جو پاتارِ، ھَنجُ تَنھِين جو ھيرَئُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 3 ]
پِٿُون جو پاتارِ، ھَنجُ تَنھِين جو ھيرَئُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 3 ]
وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو،
وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 8 ]
وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 8 ]
پَکِي پيھِي نِڱِئا، مَنجهان لِتَڙِنِ لَکَ،
ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِي رَتا پَکَ،
پُٺِيءَ لائي لَکَ، ھَلِئو ھَنجُ حَبِيبَ ڏي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 19 ]
ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِي رَتا پَکَ،
پُٺِيءَ لائي لَکَ، ھَلِئو ھَنجُ حَبِيبَ ڏي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 19 ]
ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھاڻِ،
لَلَنِ کي لَطِيفُ چئَي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو ھَنجُ حَبِيبَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 24 ]
لَلَنِ کي لَطِيفُ چئَي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو ھَنجُ حَبِيبَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 24 ]
سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي ھَنجُ،
پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ،
ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي ٿو مَنجِهہ وِڙِھي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 37 ]
پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ،
ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي ٿو مَنجِهہ وِڙِھي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 37 ]
English Meaning
A wild goose.