ھَنجُون جي سنڌي معنيٰ
لڙڪ، ڳوڙها، اکين جو آب، روئڻ سببان اکين مان وھندڙ پاڻي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tears
ھَنجُون جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
وِئَڙا ڪالُ ڪري، ٻارھين ماھِ نَہ موٽِئا،
لَڳي تَنِ ڳَري، ڪِھَڙِيُون ھَنجُون ھارِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 2 ]
لَڳي تَنِ ڳَري، ڪِھَڙِيُون ھَنجُون ھارِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 2 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان،
ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان،
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان،
پِيھان پَچايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 1 ]
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان،
ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان،
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَھايان،
پِيھان پَچايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 1 ]
سَسُئِيءَ کي ساڙو، لِکِئو آھي لوحَ ۾،
ھوتَ لَنگِهئو ھاڙھو، ھِنَ ھَنجُون ھارَڻُ آيُون.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 29 ]
ھوتَ لَنگِهئو ھاڙھو، ھِنَ ھَنجُون ھارَڻُ آيُون.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 29 ]
ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ،
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 2 ]
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 2 ]
نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو،
ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ،
تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي مَنجهان ھيجَ،
جِيئَن آن ڀيرو نَہ ڪِئو، تِيئَن مان مُئِي سُڻيجِ.
[ سُر راڻو، وايون، 1 ]
ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ،
تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي مَنجهان ھيجَ،
جِيئَن آن ڀيرو نَہ ڪِئو، تِيئَن مان مُئِي سُڻيجِ.
[ سُر راڻو، وايون، 1 ]
نيڻَ جٖي نِھارِينِ، سي اَڄُ نَہ اوٺِي آيا،
ھَنجُون نَہ وَسائِينِ، پاڻِي پُنهونءَ ڄامَ ري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 7 ]
ھَنجُون نَہ وَسائِينِ، پاڻِي پُنهونءَ ڄامَ ري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 7 ]
”آئُون“ سين اِنَ پارِ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ پِئو،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،
ھيڪِڙِيائِيءَ وَٽِ ھارِ، ھَنجُون جٖي ھُئَڻَ جُون.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 5 ]
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،
ھيڪِڙِيائِيءَ وَٽِ ھارِ، ھَنجُون جٖي ھُئَڻَ جُون.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 5 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ،
راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ،
آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ،
وينگَسِ ويڙِهيچَنِ ري، ٻِي مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ ڪوٽِئان نِڪِري.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 1 ]

آيَلِ اُنِ نَہ وِسَھان، ھَنجُون جٖي ھارِينِ،
آڻِئو آبُ اَکِيُنِ مان، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سي نَہ رُونِ نَہ چُوَنِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 22 ]
آڻِئو آبُ اَکِيُنِ مان، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سي نَہ رُونِ نَہ چُوَنِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 22 ]
English Meaning
Tears