ھَنجَ جي سنڌي معنيٰ
پاڻيءَ جي سهڻي پکيءَ جو هڪ قسم، هَنسَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wild goose.
ھَنجَ جا بيتن ۾ حوالا
ھَنجَ مِڙيئِي ھَنجَ، ميرو مَنجِهنِ ناھِ ڪو،
جِتي پوئينِ سَنجَهہ، سو سَرُ ڪَندا سُرَھو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 7 ]
جِتي پوئينِ سَنجَهہ، سو سَرُ ڪَندا سُرَھو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 7 ]
پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا،
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَھِي؟
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي،
ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي، ڪا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 13 ]
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي،
ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي، ڪا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 13 ]
ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَرياڻُ؟
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ،
پَنھِنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 14 ]
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ،
پَنھِنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 14 ]
اَندَرِ وِھارِيين ڪانءُ، ٻَھَرِ ٻولِي ھَنجَ جِي،
اِھَڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نَہ ڪَرِيين.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 16 ]
اِھَڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نَہ ڪَرِيين.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 16 ]
ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، ھَنجَ حُضُورِي سي،
چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي،
لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن ڀُڻَنِ ٻَگهَنِ گَڏِئا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 6 ]
چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي،
لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن ڀُڻَنِ ٻَگهَنِ گَڏِئا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 6 ]
ڪُسَرَ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرُ ساڱاھيجِ،
ھَنجَ ھُتي جِي ڳالِهڙِي، ٻَگهَنِ سين مَ ٻوليجِ،
ماڙي تُون مَريجِ، چَئِجِ مَ ڪَنھِين چُنجَ سين.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 12 ]
ھَنجَ ھُتي جِي ڳالِهڙِي، ٻَگهَنِ سين مَ ٻوليجِ،
ماڙي تُون مَريجِ، چَئِجِ مَ ڪَنھِين چُنجَ سين.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 12 ]
سَرَ ۾ سارِي راتِ، لَلي ٿِي لاتِيُون ڪِيُون،
پَکِڙانڊيُون پِرِڀاتِ، ھَنجَ ھَڻَندي رَتِيُون.،
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 15 ]
پَکِڙانڊيُون پِرِڀاتِ، ھَنجَ ھَڻَندي رَتِيُون.،
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 15 ]
ھارِئا ھَنجَ ٻَگهَنِ سين، ڪِھَڙِي ٻَڌين ٻيلَ،
ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ،
ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 6 ]
ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ،
ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 6 ]
سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، ھَنجَ تَہ ھَرِيوئِي پيرُ،
ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 9 ]
ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 9 ]
English Meaning
Wild goose.