کَٽَ بابت
معنيٰ
کٽولو، چارپائي، مَنجو، اٺ سلو. (کِڌا کَٽو، کٽڪا، ڪٽ)
A bedstead, cot, couch painted and ornamented.

بيتن ۽ وائين ۾
- کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري، اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ، لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪُڌا تُورا ڪَرَھا، ڇَڏِ لاڻِيءَ جِي لَغارَ، سَعيو ڪَري سَيِّدُ چئَي، کائِجِ کَٽَڻهارَ، سُرَھائِيءَ جي سارَ، مَنَ پِرِين ڪَنِهُون پانھِنجو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون، موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون، اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- آڌِيءَ تي اُٿِيان کامِيو مَٿان کَٽَ، پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ، سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي، کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ، گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان، کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ، سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اَسِين ذاتِ پَرٽَ، پورھِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا، ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ، آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان سَٽَ، ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ، آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ويٺِي تارا تورِيان، نِھارِيان نَکَٽَ، وَڏِيءَ ڪَنھِن اُگهَٽَ، پِرِين وَرائي جهَلِئا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا، ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ، ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ ڪَٽَ، دُونھان جَنِ دُکائِيا، ھَلِي مَٿي ھَٽَ، خاڪِ جَنِي جِي کَٽَ، ھَلو تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا، طامِعِ آھِيان توھَ جي. اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ، ھِنَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- مَڻيي مَٿي جٖي ھُئا، تَنِ چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ، ھارُ کَٽَندِيَسِ ھوڏَ ۾، نيبَھُ ٿِيندُمِ نِتُ، ڪَؤُنرؤ جو ڪِرِتُ، مُونھان مَٿاھُون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، اِھڙوئِي اللهُ، پورِھِيَتُون ٿو پيشِ ڪَري.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو وَرَ جو ھومِ واءُ، چانڪِ کِلي چَڙَھندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، ڪَونئُوروءَ جَھِڙِيُون ڪيتِرُون، دايُون…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، جِهيڻا ٿِئا نَکَٽَ، ھارِي وييَئِي وَٽَ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]