کَٽَ جي سنڌي معنيٰ
کٽولو، چارپائي، مَنجو، اٺ سلو. (کِڌا کَٽو، کٽڪا، ڪٽ)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A bedstead, cot, couch painted and ornamented.
کَٽَ جا بيتن ۾ حوالا
ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،
موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ کَٽِيائون،
اُنِهين جِيءَ آئُون، بَرِڪَتَ بارُ لَنگهائِيانۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 4 ]
موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ کَٽِيائون،
اُنِهين جِيءَ آئُون، بَرِڪَتَ بارُ لَنگهائِيانۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 4 ]
آڌِيءَ تي اُٿِيان کامِيو مَٿان کَٽَ،
پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ،
سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِيَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 9 ]
پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ،
سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِيَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 9 ]
ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان،
جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ،
سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 5 ]
جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ،
سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 5 ]
رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان سَٽَ،
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
ڌَڙُ ڌُٻِي پِئو پَٽ تي، مَٿو مَٿان کَٽَ،
آيو سو اُلَٽَ، راڻِيُون جَنھِن رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 15 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ ڪَٽَ،
دُونھان جَنِ دُکائِيا، ھَلِي مَٿي ھَٽَ،
خاڪِ جَنِي جِي کَٽَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 6 ]
دُونھان جَنِ دُکائِيا، ھَلِي مَٿي ھَٽَ،
خاڪِ جَنِي جِي کَٽَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 6 ]
چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ،
اِھڙوئِي اللهُ، پورِھِيَتُون ٿو پيشِ ڪَري.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 19 ]
اِھڙوئِي اللهُ، پورِھِيَتُون ٿو پيشِ ڪَري.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 19 ]
ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو وَرَ جو ھومِ واءُ،
چانڪِ کِلي چَڙَھندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ،
ڪَونئُوروءَ جَھِڙِيُون ڪيتِرُون، دايُون دَرَ مَهِندان،
اِھَڙو ئِي اللهَ، جَنھِن کِلَندِيءَ کان وَرُ کَسِئو.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 16 ]