کَٽَڻَھارَ جي سنڌي معنيٰ
گل جو هڪ قسم، زيور جو هڪ قسم. ڀرت جو هڪ قسم. چمڪدوزي جي ڀرڻ جو هڪ قسم. ڪبوتر پکيءَ جو هڪ قسم. کَٽَڻ مان ڪمائيندڙ، کٽندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a flower. A kind of ornamental embroidery. A kind of pigeon.
کَٽَڻَھارَ جا بيتن ۾ حوالا
ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان،
کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،
پَھرِي پَٽَنِ تان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 1 ]
کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،
پَھرِي پَٽَنِ تان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 1 ]
مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا،
طامِعِ آھِيان توھَ جي.
اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جي، توکي سُڌِ سَتارَ،
ھِڪُ وِڃايَمِ ويسَرِي، ڄاڻِي سَڀَ ڄَمارَ،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، سو تُون ڄاڻين ڄاڻَڻَھارَ،
جِيئَن سي گُلَ گُلابَ جا، کِڙِئا کَٽَڻَھارَ،
مُنھِنجِي سِڪَ سَيِّدَ ڏي، مَدِيني موچارَ.
[ سُر بلاول، وايون، 1 ]