پِڙَ بابت
معنيٰ
پِنڊَ، گول ٿَلها ميدان، وڏا ميدان. گولائي ۾ زمين جا ٽُڪر جيڪي ملاکڙي، تماشي، راندين وغيرہ ۾ استعمال ڪيا وڃن. اُهي هنڌ جتي انگاس کُتل هجن ۽ عاشورن ۾ ماتم ڪيو وڃي. انساني آبادين جا اڳوڻا ٿاڪ، شھر. پڊ، پُر، پور.
Plain round level pieces or ground, a course, a circle, circuit, ring, a halo. The place in front of a tomb where people sit and beat drums, also the space round the flag staff in Muharram.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنھِن ڀِنڀُولِيين ڪَرَھا، ڪَنِي ڪامَڻ ڪِياءِ، اَکِيُنِ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ ڳَٺاءِ، وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ، ٻَڌو جِيئَن گَهاڻي وَھين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪَنھِن ڪامَڻ ڪِئاسِ، اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ، وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي، ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ، ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ، رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀَ نَہ ھُونِ، پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- آيو عَلِي شيرُ، مَرڪِئو مَدِيني ڌَڻِي، سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ، شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا، چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ، سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ، ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون، جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون، مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، مَرَڪِي اُڀا مِيرَ، وِڙِھِي ويرِنِ سامُھان، تِکا ھَنيائُون تِيرَ، ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا پاڻَ پيھِي، پَھُ ڪِيائُون پاڻَ ۾، مُقابِل ويھِي، قَضا ھِيءَ ڪيھِي، ھئَي ھئَي ٿِي حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- پِرھَ پَکِي آيو، لُڇِئو لِيلائي، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، ايرادو آھي، اَچِي رَسُ ڪاھي، چَڙھُ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھَنئي ھاڪَ، ڀَڳا ڏيھَ ڀَيءِ پَئِي، سُڻِي ديمَنِ ڌاڪَ، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، جي ڪا وَسان…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- پِڙَ ۾ اُڀو پاڻِ، ساٿِيَڙَنِ سَڏَ ڪَري، ڀَلي جِيءَ لاڏاڻِ، سَڀَ لَنگهَندا لَڪِيُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- آيُون اَڳِيئَن ھيرَ، اَصلَ سَندي آسِري، پِڙَ ۾ پَسان نَہ پيرَ، سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ، سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيا، سَھِسين ساٽِي مُٺَ، سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو وَڃَنِ موٽِئا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- نَہ ڪا بُوءِ بازارَ ۾، نَہ ڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ، جِتي ڏَنڀَرِيُنِ جِي، اَڳي ھُئِي اَکُٽَ، سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]