پُڇان بابت
معنيٰ
سوال ڪريان، سُڌ سماءَ وٺان. خبر چار لڀان. ڏس پتو وٺان. جاچ جُوچ ڪرايان، ڳولا ڦولا ڪرايان. ڏس پتو معلوم ڪرايان.
Ask, enquire, interrogate
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا ڪَري، پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي پِريان جا پَکَڙا، جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ، جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن، بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن، سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو، سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو، پُڇان ٿِي پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو، آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي، پُڇان واٽَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪُتو چئَي قَرِيبَ جا، آھِيُون ساڌَ صَحِي، پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، پويون ٿِئُمِ پَساھُ، سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ، شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي، پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي، لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڪالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، رُئان مَٿي رَندَ، وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ڇِنِي بازُو بَندَ ، ھاڻي پُڇان ھَنڌَ، ھاڙِھي ۾ ھوتَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نَہ وَسِ، اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ، پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- ڏُکويُون ڏيھان، جيڪُسِ لَڏي وييُون، ھاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ ۾ ڀَنگُ، اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ، ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي، آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي، وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- تان تُون ويھُ سَنبَھِي، ساٿِي مِيان، پانڌِي مِيان، ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين، ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو آيو پَھِي پَرِئان ٿِي مِيان، حُڪُمُ…[ سُر راڻو - وايون ]
- وَيُون پَٻِ پَئِي، کيرُون کاھوڙِيَنِ جُون، آئُون تَنِ ڏوٿِيَڙَنِ جو، پُڇان ڪيرُ پَھِي، رِڃُنِ راتِ رَھِي، جَنِي ڏُونگَرَ ڏورِئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُونگَرُ نَہ ڏوٿِي، ڏُونگَرُ سُڃُو ڏوٿِيَنِ ري، پُڇان پَرو ٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچِڻان؟[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- وَٺِئو واٽَ وَڃان ٿِي، لُڇان ٿِي، مُسان ٿِي، خَبَرَ ٻاروچَن جي، ڏُونگَرَ مُون کي ڏي، داڳُ جَنِ جو دِلِ تي،…[ سُر پورب - وايون ]
- ٻانھُنِ ٻِنِهِي ٻِيڙِيُون، مَٿي ڪانَنِ ڪَنڌُ، مامُنِ سان مَلِيرَ جو، ويٺِي پُڇان پَنڌُ، ھُوندَ نَہ سارِئُمِ بَندُ، جي ڪَرَ لَڌائُون…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آيو ڪيرُ ڏيھان، جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، وِڄُون اُنَ وَراءَ، راتِ مارُوءَ ڏي وُٺِيُون.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- پِھرِين راتِ مَلِيرَ ري، مُون کي جا پيئِي، اُونداهِيءَ اَندوهَ ۾، وِھامِي ويئِي، ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، ڪَنِ ڪَرَ پُڇان خَبَرُون.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- اُوَيرَ ڪونَہ آيو، ماڻُهو مَلِيران جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، اُٿِئو اُڪِيران، جُسو زَنجِيران، ڦارَڪُ ٿِئو فَقِيرِ جو.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو، پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ، پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو…[ سُر مارئي - وايون ]