ڪانِهي بابت
معنيٰ
ڪونہ آھي، ڪانہ آھي، نہ آھي، ڪجهہ نہ آھي
Nothing, its not
بيتن ۽ وائين ۾
- پِريان سَندي پارَ جِي، مِڙيئِي مِٺائِي، ڪانِهي ڪَڙائِي، چَکين جَي چيتُ ڪَري.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ڪانِهي راندِ، مَعشُوقَنِ مَھاندِ، لَکين لِيلائي مُئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ، آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ، ڪانِهي قِيمَتَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڀيلِئان جِتِ ڀَڳِيُون، آيُون اُتِ وَرِي، ڪانِهي ٻِي ڳَرِي، مينهِيَنِ کي ميھارَ ري.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- عَدَدُ ناھِ عِشقَ جو، سُڻِي ٿِيءُ ساڻِي، ڪانِهي پُڄاڻِي، مَھِندان مُنڌَ ميھارَ جِي.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- آتَڻَ ۾ سَڀَ ويھِي، دُعا ڪَريجا جيڏِيُون، ڪانِهي بَسِ بَھِيرَ کي، ھَلُ چَلُ وَڃي پيئِي، راھَ مُسافِرُ سَڀَڪو، ڪو نَہ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا، جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ، ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ، سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- جانۡ جِيئَين تانۡ جَلُ، ڪانِهي جاءِ جَلَڻَ ري، ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ، مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ، ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- نَہ ڪا ڏُکَ پَچارَ، آھَ نَہ سُڄي سُورَ جِي، ڪانِهي تَنِ تَنوارَ، نِينھَن نِماڻِيُون جي ڪِيُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- نَہ ڪا تاتِ نَہ تُوتِ ڪا، نَہ ڪا طَلَبَ تَـنوارَ، ڪانِهي پِرتِ پَچارَ، لَنئُن ويچاري لَڏِئو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ بِہ تَنِي وَٽِ، ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَوائِي، لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي، ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَڀَنِي سُونھَن، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن، ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِينھَن پَچارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- اَکِيُون تان عِيدَ، ڪانِهي عِيدَ اَکِيُنِ ري، خُوشِي ۽ خَرِيدَ، ڳِنِهئون وَڃَنِ پاڻَ سين.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ”مُون“ مُونھِين کي جُڳاءِ، ”مُون“ مُونھِين ۾ سَپَجي، مُونھِين مَنجهان ”مُون“ ٿِي، مُونھِين جِي ساڃاءِ، ھاڻِ چَوَڻَ ڪانِهي جاءِ، ڪيڏانھَن…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]