ڏُکَنِ بابت
معنيٰ
سُورن، دَردن، عَذابن، ايذائن، پيڙائن، ڪَشٽن. رنجن، غمن، افسوسن، ارمانن، شوڪن، گوندرن، دُکن، اهنجن، مشڪلاتن، سوڙهن، تنگين، تڪليفن، سختين، اِفلاسن، آپدائن، مصيبتن.
Pains, griefs, sorrows, sufferings, anguishes, miseries, wretchedness, wounds, sickness, agonies.
بيتن ۽ وائين ۾
- لاھِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالِهيُون ھَلَڻَ سَندِيُون، ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي، پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ، ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڏاجَنِ تي ڏاجا، ڏُکِيءَ جي ڏُکَنِ جا، لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِھ اَندَرِ ڪا جَا، ٿَرَنِ مَنجِهہ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي، پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي، لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي، تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي، ويڙِھِي جا وِرَھَنِ، چَتُ جَنھِن جو چُورِ ڪِئو ڪِئو، ڏُکوئِي ڏُکَنِ، پُڄاڻا پِرِيَنِ، اَدِيُون اَگهِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ڀَنڀورَ جَنِ سُکَنِ، مُون کي ساٿان کارِئو، ھاڻي ساڻُ ڏُکَنِ، تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِئان.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ھُيَسِ جَي آئُون، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، ھُوندَ نَہ ڇَڏِيائُون، ڏُکِيءَ کي ڏُکَنِ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سُورَنِ سانڍِيياسِ، ڏُکَنِ نِپاياسِ، سُکَنِ جي سَيِّدُ چئَي، پُکي نَہ پيياسِ، جيڪُسِ آئُون ھُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھَن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري، جَنِي جِيءَ وِرُونھَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ جو، سُونھائي سُورَنِ ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ، جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا، ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي، ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- نيڻَ نِھاري مُنھِنجا، رَتُ ٿِئا روئِي، ڏُکَنِ جِي ڏوئِي، آھي ھَٿ اَسُونهِہ جي.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- چيتارِيان چُڻِڪَن، وِسارِيانِ نَہ وَري، ويرو تارِ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀڳي ھَڏُ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- چائُرَ جٖي چَکَنِ، ڏِجَنِ ڏوراپا تَنِ کي، سَرَتِنِ جا سَرِيرَ ۾، دُونھان ٿا دُکَنِ، ھِڪُ ڏُکويَسِ ڏُکَنِ، ٻِئو مارُو ڄامُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ سين، روئِي ڪِجِ رِهاڻِ، جِيئَن ٿَرِ وِڄُون اُٺِيُون، آئُون تِيئَن سُورَنِ ساڻِ، ڪِجاھُ ڪا وَراڻِ، ڏُکَنِ ڏِيلُ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]