پُنُوھَ بابت
معنيٰ
(اسم خاص) ڪيچ مڪران جي حاڪم جو پٽ، سنڌ جي مشھور عشقيه قصي ”سسئي، پنهون“ جو ڪردار. ڪفاية دوست. پيارو، محبوب.
Name of a charecter, Prince of Kech, Punhoon a loving name.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَتِ سُورَنِ جي سَسُئِي، ڏري ۽ ڏاري، پييائِي پُنُوھَ ڏي، نِرمَلَ نِھاري، لالَڻَ جِي لَطِيفُ چئَي، سُونھَنِ سُتِيائي ساري، پِريتَڻو…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، پِيتائِين پُنُوھَ کي، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، سَڄُئِي پيتائِين پُنُوھَ کي، ھَئَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ ساڻُ، ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ، ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- تَنِ پيئِي جانارَنِ يادِ، جٖي پارِئَلَ پُنُوھَ ڄامَ جا، سَندِي لالَڻَ لاڌِ، مُيان پوءِ مُنڌَ ٿِي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- سَسُئِي پُڇَنِ سي، پارِئَلَ پُنُوھَ ڄامَ جا، وَڍِئو ويٺِي ڏي، ڪايا ڪيۡچَ ڪُتَنِ کي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان، پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان، سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي جِيءُ مَ جُوءِ، مُنڌَ مَرَڻان پوءِ، پَهچاندِينءَ پُنُوھَ کي.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان اَڳي اَڄُ، ھُئِين جان ڪِي تان جِيئَري، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ، پُنُوھَ سين پَھَڄُ، تَہ مَلَڪُ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ ھِنيَين، عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين، جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ پَساھَ، ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ، جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ، لھسِي لَنئُن پُنُوھَ جي، ڏيئِي آڳِ اَتورَ، سَڀَ نَہ کاڻِي سَسُئِي.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي، لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي، سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي، ٻانڀَڻِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي، مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ، حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ، پَسَندي پُنُوھَ کي، اَکِيُنِ ڪِئو آرامُ، ناتَرِ چايان نامُ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- واءَ وِڃايُمِ ڪالَهہ، پُٺِي جَنھِن پَنڌُ ڪَرِيان، وَڃَڻُ مُون واٽي پِئو، ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، جَبَلَ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنُوھَ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ، اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ، جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- تان مُون ڀينَرُ ڀَئي ناھِ ڪا، جان آرِياڻِي اَڳَ، ڪوسو ڪوھِيارَلَ جي، واءُ مَ لَڳي وَڳَ، ٻِئا پُڻِ جَتَنِ جَڳَ،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]