رَبُ بابت
معنيٰ
پاليندڙ، خدا، الله
Allah, The God, The Creator, the cherisher.
ربّ: (ع) بيضاوي چوي ٿو تہ ”ربّ“ جي لفظي معنى آھي ”پالڻ ۽ ڪماليت تي آڻڻ“ ۽ جنھن صورت ۾ فقط خدا ئي طاقت آھي جو ھر ڪنھن شيءِ کي پالي ۽ ڪماليت تي آڻي سگهي ٿو، تنھنڪري ھي نالو فقط خدا سان ئي لاڳو آھي. پاليندڙ، خاوند.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي، قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ، والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ، مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ، خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين ڊَٺنِ ڊَبُ، تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ، آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي، چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي، ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو سُلِطانِي، سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي، بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جو، جَنِ نَہ ھِينئَڙي جارُ، خالِقُ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرھِيندو تَنِ کي.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَرياڻُ؟ وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ، پَنھِنجو آھي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري، ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي، دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ، چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ، سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾، تَنِ جو حَسَبُ نَسَبُ ناھِ ڪِي، نَہ اَبائِي نَہ اَبُ، سامِيءَ کي سَڀَين پَريين، رُوحَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان، سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ، جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ، ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ، جَنھِن جي رُوحَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- واڳِئا جي وَجَهہ سين، رَبُ نَہ سُڃاڻَنِ، ميڙِيان ميڙِيان ڪَنِ، اِيءَ ميڙَ مُهَندِيَنِ ڪَڏِھِين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- وَجَھَ مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين، مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ، سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون…[ سُر آسا - وايون ]
- مارُو ماڳِ نَہ ھيڪَڙي، اوڏا نَہ ڳوٺانِ، جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ، جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس، مارُنِ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- گِيرَبُ نَہ گاءُ، مُھاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ، سَمُو سَڀَنِ مُلان، ھِيرِيائِين حِرفَتَ سين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ھِنَ پَٽَنِ تي پَدمَڻِيين، ٿي پَل پَل نازَ ڪِئا، رَبُ اُنِ کي يادِ نَہ ھو، پَنھِنجي حِرصَ وِچان، پَسو پَڊانِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]