آگم ڪيو اچن...

مصنوعي ذھانت شاھ جو رسالو پڙهي ٿي!

ھن خاص صفحي تي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت مصنوعي ذھانت تي آڌاريل وڊيو ۽ آڊيو جي صورت ۾ پيش ڪيا ويا آھن. جيئن نئين ٽَھيءَ تائين ڀٽائيءَ جو پيغام جديد انداز ۾ پھچي تہ سگهي ئي پر دنيا اندر مصنوعي ذھانت ۾ استعمال ٿيندڙ مشينن کي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ٻولن کي اچارڻ جي تربيت ملي سگهي. هيءَ وِک سنڌي ٻوليءَ، ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ اسانجي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ کي زندہ رکڻ لاءِ هڪ نئين دڳ جو مُھڙ ثابت ٿيندي.

Video Thumbnail
ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ، ڪَنِي سانگو ساھَ جو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ، ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گهِڙَنِ جٖي.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ، عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن نِھوڙِئا،
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
سِياري سِھَ راتِ ۾، جَا گهِڙي وَسَندي مِينھَن، ھَلو تَہ پُڇُون سُهڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن، جَنھِن کي راتو ڏِينھَن، ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي سِياري، تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري، مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ جا، مُون تي جَا ميھارَ جِي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ، توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ، جَي اُبَتا آرَ ڪَرِيين.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
کامان پَچان پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان، تَنَ ۾ تَؤُنسَ پِرِيَنِ جِي، پِيان نَہ ڍاپان، سَمُنڊُ مُنھِن ڪَرِيان، توءِ سُرِڪِيائِي نَہ ٿِئي.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
واھُڙُ جَنازو سُهڻِي، ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِئاسِ، ٻَگها جٖي ٻيٽَنِ جا، ڪُلَها تَنِ ڏِناسِ، اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِھائين، مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ، عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
مَتان گِهڙِين سُهڻِي، اَڄُ دَرياھَ ۾ دَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، ڪِھَڙو اَٿَئِي ڪَمُ، مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيُون.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، وِرِچِي نَہ ويٺِي، وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
سَوين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مَھِراڻُ، وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
بيت ڏانھن ھلو