مصنوعي ذھانت شاھ جو رسالو پڙهي ٿي!
ھن خاص صفحي تي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت مصنوعي ذھانت تي آڌاريل وڊيو ۽ آڊيو جي صورت ۾ پيش ڪيا ويا آھن. جيئن نئين ٽَھيءَ تائين ڀٽائيءَ جو پيغام جديد انداز ۾ پھچي تہ سگهي ئي پر دنيا اندر مصنوعي ذھانت ۾ استعمال ٿيندڙ مشينن کي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ٻولن کي اچارڻ جي تربيت ملي سگهي. هيءَ وِک سنڌي ٻوليءَ، ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ اسانجي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ کي زندہ رکڻ لاءِ هڪ نئين دڳ جو مُھڙ ثابت ٿيندي.
سُر
- سُر ڪلياڻ
- سُر يمن ڪلياڻ
- سُر کنڀات
- سُر سريراڳ
- سُر سامونڊي
- سُر سھڻي
- سُر سارنگ
- سُر ڪيڏارو
- سُر آبڙي
- سُر معذوري
- سُر ديسي
- سُر ڪوھياري
- سُر حسيني
- سُر سورٺ
- سُر بروو سنڌي
- سُر راڻو
- سُر کاھوڙي
- سُر رامڪلي
- سُر پورب
- سُر بلاول
- سُر ليلا
- سُر ڏھر
- سُر جاجڪاڻي
- سُر ڪاپائتي
- سُر رِپ
- سُر آسا
- سُر گهاتو
- سُر ڪيڏارو
- سُر مارئي
- سُر ڪاموڏ
- سُر ڪارايل
آلوڙو اَکِيُنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳُ کي، ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ، اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو
بيت ڏانھن ھلو
پَٿَرِ پيرَ ڊِگها ڪَري، جَڏھِن سُتِيُون جٖي، تَڏِھِين تَنِي کي، ساٿَ سُتيئي ڇَڏِئو.
بيت ڏانھن ھلو
ڏُونگَرَ مُون سين روءُ، ڪَڍِي پارَ پُنهونءَ جا، سَڄَڻُ ھومِ ھيڪِڙو، وِئو ڦوڙائي سو، ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، مُون سين اِرادي اِيئَن ڪِئو.
بيت ڏانھن ھلو
حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جِي، ظاھِرُ ڪَرِيان ذَرِي، لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَرِي، وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَرُ اُڀِري ڪو نَڪو.
بيت ڏانھن ھلو