آگم ڪيو اچن...

مصنوعي ذھانت شاھ جو رسالو پڙهي ٿي!

ھن خاص صفحي تي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت مصنوعي ذھانت تي آڌاريل وڊيو ۽ آڊيو جي صورت ۾ پيش ڪيا ويا آھن. جيئن نئين ٽَھيءَ تائين ڀٽائيءَ جو پيغام جديد انداز ۾ پھچي تہ سگهي ئي پر دنيا اندر مصنوعي ذھانت ۾ استعمال ٿيندڙ مشينن کي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ٻولن کي اچارڻ جي تربيت ملي سگهي. هيءَ وِک سنڌي ٻوليءَ، ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ اسانجي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ کي زندہ رکڻ لاءِ هڪ نئين دڳ جو مُھڙ ثابت ٿيندي.

Video Thumbnail
چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين، اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ، جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جو، مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو، سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ آيو.
بيت ڏانھن ھلو
Video Thumbnail
چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين، تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
بيت ڏانھن ھلو