ڪِيَسِ بابت
معنيٰ
ڪيم. پورو ڪيم، پڄائيم، نڀائيم، بجا آندم. عَمل ڪيم. (ضميري پڇاڙي سان مليل، يعني مان ھي ڪريو ڇڏيو).
Done, acted, performed, produced.
بيتن ۽ وائين ۾
- رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ، سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جي، مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون، سَندا مَحَبتَ مِينھَن، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن کاري کيڙائُنِ جي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان، دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي، نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ، وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ، لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون، اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ، ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊينَ پيياسِ، ڪيرَ بِرَھمَڻِ ڪَنِ جي، ڪيرَ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟ ھُوندَ نَہ سِنڌُ سُياسِ، پُرِيي ڪِيَسِ پَڌِرِي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- دَردُ نَہ لَھي دارُوئين، زُلفَ ڪِيَسِ زافُ، سَندو ڪاڪُلَ ڪافُ، ماري مَعذُورِنِ کي.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو، پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي، مُنھُن ڪَرِ…[ سُر معذوري - وايون ]
- ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن، ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن، جُهونگارِيندي…[ سُر ديسي - وايون ]
- جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون، اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ، مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا، طامِعِ آھِيان توھَ جي. اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ، ھِنَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ، مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڏُونگَرِ لَڳَنِ ڏِينھَن، مانَ وَرِ ڪَنِ سُپِرِين، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن، آيَلِ ٻاروچَنِ جي.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس، مارُنِ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- زيرِيين ٻيڙِيين لوھَ ۾، ڳَٽِنِ ڪِيَسِ ڳاھُ، سَنڪي سَندي سُومَري، ھَڏِ نَہ چاڙھِئم ماھُ، سَرَتِيُون دُعا ڪِجاھُ، تَہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مارُو گُهرَنِ مِينھَن، آئُون مارُنِ ميڙائو گُهران جي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جِي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- چِڪِي چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، واجهائِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِي جا ٿاڪَ، مارُوءَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي پَکا سَندَنِ پاڪَ، ڪي ڏِينھَن هِتِ جيڏِيين، ٿي مَلِيرَ چُونڊِي ماڪَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]