ڪَرَھو بابت
معنيٰ
اُٺ، ڏاگهو، توڏو، ڪَرَھ، مَيو، ڪنواٽ.
Young camel

بيتن ۽ وائين ۾
- جَي پِياري پاڻَ، ڪَرَھو تي پاڻِي پيئي، اَڳي اِنَ نَياڻَ، اَڻَ ڪوٺِئو ڪو نَہ گِهڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪَنھِن ڪامَڻ ڪِئاسِ، اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ، وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني نَہ ڪِئو، ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو، جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھو نَہ ڪيڪانُ، پيرين آئوُن نَہ پُڄِڻِي، جو مُون راتِ رَساڻي پِرِينءَ کي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ، مُون نَہ وَھِيڻُو پاڻُ،…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري، مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري، سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري، مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھو ڪَنگُوءَ ريٽَ تي، نيٽَ ڇِنائي نِتُ، چانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساھَ ڏي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، ڪَرَھو جِيئَن ڪالَهہ ھو، اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ، جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکِڙِيُون چَري، ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ، اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ھُونگَرَ ھَلايومِ، ڏِئو موڙَ مَھارَ جِي، وَسان جي وِئومِ ڪَرَھو تي ڪاموُن سَھي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھو توءِ نَہ مُون، وِئو دَرِياھان پارِ، پَنجُوڙِڪِي پيرَنِ ۾، ڪَرھي سِنئَن ڪَپارِ، نَڪِي لَهرِ لوڙِھِئو، نَڪِي ٻوڙئو تارِ، اَکِيُنِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- لَڪِ لاکِيڻو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڳِڌومِ، اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- لَڪِ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙيِين ڏيئِي ڇوڙِ، ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ، تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- لَڪَ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڪاھِ، آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ، ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ، ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- راڻِي ريٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪِڙو، لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، مانجِهي موچارو، صُبوحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙندو ڪَرَھو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو، راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو ساري، مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري، اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ، ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ، لاھي غيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو، ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا، وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان، ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ ۾ اَٿُون داڳُ، وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ، مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- اَڱَڻِ جهوڪي ڪَرَھو، وِيَڙين جِيئَن واري، مُون کي ٿِي ماري، سوڍا اُھائِي ڳالِهڙِي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اَڱَڻِ آڻي ڪَرَھو، جَهلِي وِھُ جهوڪي، ساھُ مُنھِنجو سُپرين، راڻا وَھِيين روڪي، سِڪان ٿِي تو کي، مُنھُن ڏيکارِجِ مَينڌَرا.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ٻيٽو ٻاپان وِتَرو، ڪَرَھو ڪيھَرِ جو پَسُ، آپُ ڇَپاوَڻُ پَرُ مارَڻُ، ذاتِ سِينهان جي جَسُ، جِتِ لَڳي دَمامَنِ دَسُ، اُتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]