ڪَرَھو جي سنڌي معنيٰ
اُٺ، ڏاگهو، توڏو، ڪَرَھ، مَيو، ڪنواٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Young camel
ڪَرَھو جا بيتن ۾ حوالا
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
جَي پِياري پاڻَ، ڪَرَھو تي پاڻِي پيئي،
اَڳي اِنَ نَياڻَ، اَڻَ ڪوٺِئو ڪو نَہ گِهڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 5 ]
اَڳي اِنَ نَياڻَ، اَڻَ ڪوٺِئو ڪو نَہ گِهڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 5 ]
نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪَنھِن ڪامَڻ ڪِئاسِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني نَہ ڪِئو،
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
ڪَرَھو نَہ ڪيڪانُ، پيرين آئوُن نَہ پُڄِڻِي،
جو مُون راتِ رَساڻي پِرِينءَ کي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ،
مُون نَہ وَھِيڻُو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچويان.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 24 ]
جو مُون راتِ رَساڻي پِرِينءَ کي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ،
مُون نَہ وَھِيڻُو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچويان.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 24 ]
ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري،
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري،
سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري،
مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 33 ]
سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري،
مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 33 ]
ڪَرَھو ڪَنگُوءَ ريٽَ تي، نيٽَ ڇِنائي نِتُ،
چانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساھَ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 35 ]
چانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساھَ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 35 ]
اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، ڪَرَھو جِيئَن ڪالَهہ ھو،
اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ،
جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِھَ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 41 ]
اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ،
جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِھَ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 41 ]
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکِڙِيُون چَري،
ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ ڳوِڙھا ڪِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 46 ]
ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ ڳوِڙھا ڪِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 46 ]
English Meaning
Young camel
ڪَرَھو ٻول جا زمرا