سَنڪو جي سنڌي معنيٰ
ڊپ، ڀؤ، ڊڄ. اُڍڪو، ڳڻتي، فڪر. انتظار، اُڻتڻ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Fear, anxiety
سَنڪو جا بيتن ۾ حوالا
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو شَھزادَنِ ۾،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 1 ]
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 1 ]
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو،
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، سامِي سُورَ سِبَنِ،
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 23 ]
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 23 ]
ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ،
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 24 ]
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 24 ]
مارُوءَ جي مَذڪُورَ جِي، سُڌِ نَہ سُومَرِيَنِ،
سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ،
سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 7 ]
سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ،
سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 7 ]
English Meaning
Fear, anxiety