پَرُوڙِ بابت
معنيٰ
ڄاڻُ، سمجهُہ، پرکِ. پڇاڻِ. سڃاڻپ ڪر.
Understand, opinion, be informed.
بيتن ۽ وائين ۾
- تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ، ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- وِتُ ويِمي جو جَي لَھين، تَہ ٻِي ڪارِ نَہ ڪَرِين ڪا، اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان، موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ، جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ، جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ، تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميھارَ جي، سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون، جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جو تُون ڏوريين ڏُورِ، سو سَدا آھي ساڻُ تو، لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، مَنجِهين ٿِي مَعذُورِ، مَنجهان پَئَن پَرُوڙِ، تو…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- مَنجهان پَنءَ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ سَسُئِي، ويھِي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجِهجِ ڌُوڙِ، تَہ تُون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا، ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- اُٿِي پَھُ پَرُوڙِ، ساجُهرِ سُپَيرِيَن جو، ڏُونگَرَ ڌَڻِي ڏُورِ جِمَ وَڃَنَئِي نِڪِرِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- مَرُ تَہ آئين مَڱڻا، مامَ پَرُوڙِي مُون، جيڪا ڳاھَ ڳالَهائِيين، سا سَمجِهيسُون، تَنھِن تي تُسجِ تُون، جيڪِي پَئي پَٽَ ۾.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو راڻو آھيين، ڪالَهُون ڪَرَ ڪَھِيو وَڃين، ڳَڙَه پاسي ڳاھُون، اِيءَ مامَ پَرُوڙِي مُون، تَہ مارِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- پيھِي جَنِ پَرُوڙِئو، گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، سي ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ، ڪُرَندا ڪِي پَرُوڙِئو، رَندِ نَہ سي رِڙَھنِ، ٻيئِي دارَ دَيُون ڪِئو، پيرَتِ تان…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ پائي پاڻَ سين، پَھَ پَرُوڙِئَمِ پَٿَ جا، مَنجهان ڪِينَرَ ڪي، ھاڻي جَي ھَيَئي، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ مُصيبَتَ، سامِي سُورُ صِحَتَ، جٖي پُورَڀِئا پَرُوڙِيين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ ڪونِهي ھَنڌُ، مَنْ لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الڪُلُ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ،[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ، ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ، آئِي اُنَ جي بابَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ، ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ وِڏُوڻُو واپارُ، ھاڻي کَڻُ ھِيءُ پَنھِنجو ھارُ، واري ڏي مُون وَلَهو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھِيءُ نَہ آھي ھُنَ ري، ھُو نَہ ھِنِئان ڌارَ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، پَرُوڙِجِ پَچارَ، ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ، جَنھِن جي رُوحَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا، چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي، سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،…[ سُر آسا - وايون ]
- حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ، عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ، ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- عُمَرَ تو ماڙِيُون ھِي، ڪِينَ نِبَھَندِيُون مُورِ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڏيھان ڪَڍِي ڏُورِ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِهائِي…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ، سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو، ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ، اُڀِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ، مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ، ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ، ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]