پاتارَ بابت
معنيٰ
زمين جا هيٺاهان طبقا، درياءَ يا سمنڊ جو ترو. تَرُ. اونهون پاڻي. اوڙاھَ، عمُق.
Deep lair of ocean, deep waters. One of the seven nether regions, which in Hindu lore is the abode of serpents and demons, abyss, chasm
بيتن ۽ وائين ۾
- اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون، پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون، آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ گهَڻيئِي، سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي، صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين، جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ، دِلو دُورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ، ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فائِقَ فَرِمايو، ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو، دلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون، پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَھَڻَ تارِين تُون، جَي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- آڌِيءَ اُٿِيَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَنِ ۾، وارو ويسَلِيُنِ کي، ڏِينھان ڪو نَہ ڏي، مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- وَڃين نَہ پيھِي، پِٿُونءَ لَيءِ پاتارَ ۾؟ ڪَنڌِيءَ ۾ ڪيھِي، حاجَ تُنھِنجِي ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ٿِئو حُضُورِي ھاڻِ، سوجها پييَسِ سَرَ جِي، کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، اوھِيَرَ اُڏامَنِ، پِٿُون جٖي پاتارَ جا، چيتاري چُڻَنِ، ڪوھُ ڪَندا کي تَنِ، پاريڙِي پَھُ ڪَري.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَ سَدائِين ڏُٻِرا، پَکِي ٻِئا مَچَنِ، مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ، ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿون جي پاتارَ جا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ، ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ، تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]