پاتارَ جي سنڌي معنيٰ
زمين جا هيٺاهان طبقا، درياءَ يا سمنڊ جو ترو. تَرُ. اونهون پاڻي. اوڙاھَ، عمُق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Deep lair of ocean, deep waters. One of the seven nether regions, which in Hindu lore is the abode of serpents and demons, abyss, chasm
پاتارَ جا بيتن ۾ حوالا
اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون،
پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 13 ]

ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ گهَڻيئِي،
سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 8 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين،
جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 6 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونھِن عَدَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 7 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ،
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي اَڌاءَ،
جيڪِي آيُسِ ڏُونھِن اللهَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 8 ]

اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فائِقَ فَرِمايو،
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،
جيڪي ھادِيءَ ھَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 9 ]

وَڃين نَہ پيھِي، پِٿُونءَ لَيءِ پاتارَ ۾؟
ڪَنڌِيءَ ۾ ڪيھِي، حاجَ تُنھِنجِي ھَنجَڙا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 4 ]

ٿِئو حُضُورِي ھاڻِ، سوجها پييَسِ سَرَ جِي،
کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 7 ]