وَڍي بابت
معنيٰ
ڪپي، ڪري، ڪتري. لاهي، گهائي، چيري، ڦاڙي، وڍي رکي، چھڪ ڏئي، چاڪ ڪري، قطع ڪري.
To cut, cut off, lop, hew.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو، وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ، خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِئائُون، رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“، وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرواڻُ، وارَ وَڍي وَڳُون ڪَرِيان، پُوئاھانِ پَلاڻَ، جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڏُونگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍو ڏاڍايُون ڪَرِين، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِيئَن وَڻُ وَڍي واڍو، ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نَہ تَہ…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي، جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ، جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ، تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ، تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ طَمَعُ کي ڪَرِ، وَڍي وَھمَ وُجُودَ جا، خاصي ڌِيانِ ڌَرِ، ڪَنھِن پَرِ پهچين پَرِ، لِکِجين…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ، وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون، ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون، ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون، اَسِين…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جٖي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِئا، ڌُرِيائِين ڌارَ، تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا مِينھَن مَلِيرَ تي.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- جٖي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِئا، ڌُرِيائِين دُورِ، تَنِ سُڪَنِ سَندي سُورِ، اَبُرُ اوڪائي وِئو.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ماري نَہ ڌاري، نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، کارَو وِڌائِين کُوھَ ۾، نِرتَئُون نِھاري، سائِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَڪِي کِکِي کاءِ، ڄامَ تَماچِيءَ لاءِ، پاڪُ رَکِيائِين پِڃِرو.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَہ کِکِيءَ لائي ھَٿَ، ڪُرَنائِيو ڪيتِرِيُون، مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿَ، جا سَمي وِھارِي سَٿَ، تَنھِن سين رِيسَ…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- کِکِي ھَڏِ نَہ کاءِ، ڇِڇي ھَڏِ نَہ ڇُهي، نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻِي، اَڏِيءَ اوڏِي ناھِ، سَمُو تَنھِنجي ساءِ، ٿو مِياڻِيُون…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]