نِڪِري بابت
معنيٰ
ٻاهر ٿئي يا اچي، ظاهر ٿئي، اُڀري، اُوَءِ ٿئي، پرگهٽجي. نِبرجي، پورو ٿئي، پيدا ٿئي، اُپئجي، سرجي. روانو ٿي، راهي ٿي. وهي. ڌِڪارجي، تڙجي، لوڌجي.
To issue, go forth or out, be extracted, derived, produced, to set out, depart, to rise, spring, result.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري، چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري، ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري، جو لَڳُمِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري، مُنھَن ۾ مَحبُوبَن جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ، تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌوُن…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ڪِي جَو ڪيڏاھِين، چانگو چَکِي آيو، تاڻِئو تيڏاھِين، نيٽَ ڇِنايو نِڪِري.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ، ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ، ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مِينھُن منجهائِين نِڪِري، سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ، سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڪالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، روئي مَٿي راھَ، وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ، گهَٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻ جو لَطِيفُ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ، ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڪَتان نَہ پُوڻِي، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، ويڇِي پييَنِ وِچَ ۾، ڪاڪِيُون ڪالُهوڻِي، مُون سين ڇِنُوڻِي، جيڏِي جَتَ ڪَري وِئا.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، مُون وَٽِ وَٿاڻانِ، ڀَرِيُون ڪِئو ڀُڻانِ، وِئا وِھائُو نِڪِري.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي نَہ پاڙِينِ، سا پَرِ ھوتَ نَہ سِکِئا، جَنھِن پَرِ جِيارِينِ، مُون کي ٿا مارِينِ، جِيجان…[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو، ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو، مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ، جَهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نَہ آڇِيين ماءِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون نِڪِري، لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، آيو ڪو نَہ وَرِي، گَهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري ھَلِئا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- جيڪي جوڳِي ٿِيءُ، نَہ تَہ وانءُ نِرجا نِڪِري، ڪوھُ ٿو ڪَنَ ڪَپائِيين، جَا نَہ سَھَندين سِيءُ، ڀَڄُ پَرانھُون ٿِيءُ، مَتان…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ، وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ ويراڳِيَنِ سين، پاڇِي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي، تُنبِيءَ مَنجِهہ ڪَڻا، ويٺِي مَٿي واٽَ تي، ڀَٽَنِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- دُونھِيين ڌُنڌَ نَہ لاٽَ، نَہ سي جوڳِي جُوءِ ۾، وِئا ويراڳِي نِڪِري، چِتِ جَنِي سين چاٽَ، گَهڻا نِھارِيَمِ گهاٽَ، تَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪِري، اُڀِي جَو اوناءِ، سُڻ ڀُڻ سَندِي سَڄَڻين.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ سين اُڌَمِئا، سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ، راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ، آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ٽِيجِهيءَ ٽِمَنِ نيڻَ، مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، وِرِھَ مارِي ويڻَ، سانبِي سارِئو سيڻَ، نِنڌَڪُ ساھُ نَہ نِڪِري.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- آءُ نانگَ ٻِرَنِئان نِڪِري، ھِيءَ مُوران سَندِي جاءِ، گاروڙِي گِرنارَ جو، کَڻِئو کَپُرَ کاءِ، تَنِي لَيءِ واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]