نانگا بابت
معنيٰ
ھندو سامين جا ھڪڙا قبيلا، جيڪي ڪپڙا لٽا ناھين پائيندا. بنا ڪپڙي جي، بنا پردي، اگهاڙا، عُريان، ننگا، برهنه، لانگوٽيا.
A caste of Hindu fakirs who go about almost naked and covered with dust.
بيتن ۽ وائين ۾
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي، وِھَڪَ مُون ويئِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري لِڪَ، ويئِي مُون وِھَڪَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويراڳِي وِئا، ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا، ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُوحِ تان نَہ سُئا، ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ ٻَڌنِ، ھُوءِ جٖي ٿا ھَلَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھاءِ مُنھِنجي حالَ، ھُوءِ جٖي ڪَھِيا ڪالَهہ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي، ديکِي تَنِ نَہ دُئارِڪا، مَھيسِيَنِ مَلِي، آڳَھُ جَنِ عَلِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ويھِي ويراڳِيَنِ جو، ٻِئي ڏِينھُن ٻُڌُمِ حالُ، اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زَوالُ، اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِئُون، چوٽا چَڱيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ، گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ، ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ٽيوِيھين ٽِمائِي، نانگا ھَلِئا نيڻَ، ڪِينَ وِسارِينِ ڪاپَڙِي، سَٻاجهائِي سيڻَ، جِهڄِئو جِهيڻِيءَ جِهيڻَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- سامِي مَڙِهي سَندِياءِ، سامُھِين مُون سيلَهہ ٿِي، سا تان ڪوھُ اَڏِياءِ، جان نانگا وَڃين نِڱِئو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ، نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ، گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ، راوَلُ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ سَڀَيئِي ڇِنُ، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، نانگا ڪِيمَ نِنُ، پَٽِ تَنِي جي پِنُ، جَنِي…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِيهيُون ڇَڏِ، دُونهِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ، سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ ڇَڏِ تَمامُ، گولا جٖي گولَنِ جا، ٿِيءُ تَنِ جو غُلامُ، صَبُرُ جي شَمشِيرَ سين، ڪَرِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ گُرُوءَ جِي پارِ، ھَوائُون ھِنگلاجَ ڏي، وِيندي سَڀَ وِسارِ، نانگا ناٿُ نِھارِ، سامِي وَڏِيءَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ، فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- مَرَڻُ مُسَلِم جَنِ، واحِدُ تَنِ نَہ وِسَرِي، مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ، نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ياد گُروجَن گودَڙِيا، بيٺا بازَرِ ڪولِ، نانگا پنھنجي ناٿ سين، وڃن ڳولا ڳولِ، ڪَنھِن جَنھِن ٻولِ، چوٽا ڇوڙِين ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ ڳاڙَ، ڪوري ڪَنَنِ وِچَ ۾، ڦَچَ ڏِنائُون ڦاڙَ، ھَڻِي توبَهَ تاڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي رَکِجِ جوڳُ، خادِمَ خَلقَ جِيئَن ڪَرِيين، اِيءُ راوَلَ وِڌو روڳُ، ڀَڳَنِ ڪونِهي ڀوڳُ، نانگا…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- حييَئُون حالُ پِرايو، آديسِيَنِ احوالُ، نانهِن ڪِئائُون نَفسَ کي، مَنجهانَ زُھِدَ زَوالُ، لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنفِقُوا ، پاڻُ ڪِئائُون…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ لاءِ پِرِيَنِ جي، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ، ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ مَنڊِئا، آيَلِ تَنِ آديسِيَنِ کي، پَسِئو ٿِيان پَڻِي، جِيءَ ۾ جَڙَ ھَڻِي، نانگا وِئا نِڪِرِي.[ سُر پورب - جوڳي ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دَڙَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ، جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، وِئا نَہ ويراڳِي، جِندا تو جاڳِي، نانگا ڪِينَ نِھارِئا.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]