لوڪُ بابت
معنيٰ
ماڻهو، آدم ذات، انسان، انسانذات، خلق، جھان، دنيا، سنسار، مُلڪ، ڏيھ، ديس، زمانو، جڳُ، ڪائنات.
Human, being, mankind, men, world, country
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقُ چَئُہ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئُہ مَعشُوقُ، خالِقُ چَئُہ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئُہ مَخلُوقُ، سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ، آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ، بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ، اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ، جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ھَمسُون ساٿُ گِيا ھي، ھَمسُون سَيلُ گِيا ھي، ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي، ڪَھِي ڪَھِيو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- لَکَڻَ جٖي لَنڊنِ جا، لوڪُ نَہ چَڱا چوءِ، پَرو تَنِ کان پوءِ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن تِيئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي، ڳَھِلو ٿو ڳالِهيُون ڪَري، وِرسِئو ڀُڻي وَڳُ، لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪينُون آکان ڪَونُ بَتاوي ھِي واٽَهَڙُو لوڪُ ڙي ماءُ، اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي، چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- ڌَرَ جيڏو ڌَڙونِ، پاسِنگَ مُورِ نَہ پُڄِڻان، عادَتَ عَنبرَ جيسِي، ساڌَنُ لوڪُ سَندونِ، جيڏو ٻرُ ڏِبونِ، تيڏو سَهدَلَ سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو، ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ، دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ، ٻِئو…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ھاڻِ اِيندو ھاڻِ اِيندو، مُنھِنجو سَڄَڻُ سائِين، نِماڻِيءَ جو نِجُهرو، پاسي پاڻَ اَڏِيندو، مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو، صَحِي سَلامَتَ نِيندو، آڱرُ…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ، اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ڀينَرُ ڀِنِيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ چِتُ ۾، سُتو لوڪُ نِنڊُون ڪَري، مُون پِريان جِي تاتِ، سَڄَڻُ سِينءَ پِرڀاتِ، مَنان مُورِ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- چَنيسَرُ چَورَنگُ، ٻِہ رَنگُ لوڪُ ٻِئو، تَنھِن سين ڇِنِئو سَڱُ، وَڃِئو ھارُ ھَٿِ ڇُھين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ ۾ پَئِي، اَچِئو اَچِئو اَگَلِي، چَئي لِيلان کي لوڪُ، اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان، لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، وَڃي ساجَنُ سُوٺائُون، مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرچِي آيُون.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين، لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ، مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَڇا ڪوٽَ پَٽَنِ ۾، ٿو عُمَرُ اَڏائي، ڏَمِرِئو ڏيھَ ڌَڻِي، ڇاڄا ڇَڏائي، ڀورو ايِئَن نَہ ڀانئي، تَہ لوڪُ لاڏائُو ساٿَڙو.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، اوھِيَرَ اُڏامَنِ، پِٿُون جٖي پاتارَ جا، چيتاري چُڻَنِ، ڪوھُ ڪَندا کي تَنِ، پاريڙِي پَھُ ڪَري.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]