طالِبُ بابت
معنيٰ
ڳولائو، ڳوليندڙ، تلاش ڪندڙ، طلب ڪندڙ، خواهان. عاشق، مريد. شاگرد. سالڪ، فقير.
One who is needy, student, searcher, explorer
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين پَسي پاڻَ کي، پاڻِهين اِيءُ مَحبُوبُ، پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ، ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ، جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ، جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ، پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي جو آھي، تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ، جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو، طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو، گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ ٻِيڙَ ٿِئي ٻانھِين، طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسانھِين، پُئان مَ پانھِين، مُون ميھارُ ئِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- طالَبَ ڪَرِ توڏِي، جي تُون طالِبُ توڏِيءَ جو، عاشِقَنِ اوڏِي، مَعشُوقَنِ جي مَنَ ۾.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سانڀارا سيئِي، تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مَنُ پِريان نيئِي پَڳَهِيو پاڻَ ڳَري.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙِئا ميڙِ پِرِين، ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ. تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ، چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ، طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ، سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ، اَلِفَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]