سُورِيءَ بابت
معنيٰ
ڦاسيءَ تان يا تي، سوريءَ جو يا ان تان، ڀالن نيزن جي چتا تان
On hanging, on the death cot

بيتن ۽ وائين ۾
- اَگِهي اَگهائِي، رَنجُ پِريان کي رَسِئو، چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون، وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا، جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ، اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ، پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين، سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ، ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ، جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ، اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ، سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ، عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ، سُورِيءَ سُپَيرِيَن جي، چَڙُه ٿِيين چانگُ، عِشقُ آھي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي، سُپيرِيان جي سُونھَن جِي، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي، عاقِلَ ئِي اوڄُونِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي، سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ، ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳاھُ، سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ، ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو، ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ نَہ ڪَنِ، راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سُورِيءَ سُٿَرِيا، پَڪو سَهو وِلارِئو، چَنيسَر ڪانڌا، تان مُون ھِينئَن نَہ ڀانيو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]