سُورِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ڦاسيءَ تان يا تي، سوريءَ جو يا ان تان، ڀالن نيزن جي چتا تان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On hanging, on the death cot
سُورِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
اَگِهي اَگهائِي، رَنجُ پِريان کي رَسِئو،
چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 1 ]
چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 1 ]
سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون،
وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 3 ]
وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 3 ]
سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا،
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 8 ]
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 8 ]
سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ،
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين،
سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 22 ]
سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 22 ]
جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ،
جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ،
اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
سَلي سُورِيءَ چاڙِھِئا، بَيانُ ڪَنِ نَہ باتِ،
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، تَہ ساڳِي سَلَنِ ڪِينَ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 23 ]

ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي،
سُپيرِيان جي سُونھَن جِي،
پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي،
عاقِلَ ئِي اوڄُونِ ٿِئا، ڀورو ڪوھُ نَہ لَڄي،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، سُورِيءَ سِرُ ھَڄي،
عاشِقَ اَنگهُنِ چَڙِهئا، ٻِئو سَڀَڪو ڀَڄي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 10 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ،
سُورِيءَ سُپَيرِيَن جي، چَڙُه ٿِيين چانگُ،
عِشقُ آھي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 16 ]
سُورِيءَ سُپَيرِيَن جي، چَڙُه ٿِيين چانگُ،
عِشقُ آھي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 16 ]
English Meaning
On hanging, on the death cot