سَرو بابت
معنيٰ
مڌ، مند، شراب، شراب جو ھڪ ديسي قسم
Wine, a kind of local wine
![](https://bhittaipedia.org/assets/images/6127fc2ab402e.jpg)
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي، لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي، تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِسِي سي گُهرَنِ، جَي واڻيندَلَ وِچَ ۾، اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي، قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي، سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جُھ سي اَڱَڻِ آيا، سَرو ڪَندا سُڃَ، سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ، سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ، پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ، سَرو اُنِ جو سَفَرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ، مَتان ڪَڍين…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن پيئِي ڇا، راڻَنِ ۾ رُڻِڪو ٿِئو، دَرِ دَرِ پيئِي دانھَن، ساٿَ آيو سَرواڻُ، اَدِيُون اَڄُ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرواڻُ، وارَ وَڍي وَڳُون ڪَرِيان، پُوئاھانِ پَلاڻَ، جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ، وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ، ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، پُنهون…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي، بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ، ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ھُونگاَري ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ، ليڙَنِ جُهُلون لاکَ جُون، سِينگارِئا سَرواڻَ، جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ڀانيُمِ جِي سَرواَڻِ، تَہ ڪِ ڇُلائِيندا ڇَپَرين، کانيَمِ ھُوند پَلاڻ، اُٺَ گُڏايَمِ اُنِ جا.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ، ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ، گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ، ٻَڌا ڏورِيءَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَسُئِي سَرواڻَنِ سين، ڪِھَڙو لَهُہ لَڳوءِ، جَتَنِ جَڙَ ھَنيَئِي، ڪِي پاڻَهِين نِينھُن لڳوءِ، ڏاڏي پوٽو ڏيھَ ۾ ڏُکِي ڪو نَہ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- گُئاخ نَہ پيڙُءِ گوشِ، سَسُئِي سَرواڻَن جو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ، لالَڻُ لِيل رَوان ٿِئو، ٿي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڏاگهَنِ لاھِين ڏاڻَ، اُٺَنِ ڏِين کَر کَرا، مُنا شِيشِي ڦُڙتَگا، پُستَ جَنِ پَلاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، اُٿِي اُٺَ نِياڻَ، بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيا، پاتائُون پَلاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- توکي ڌَڻِينَ ڌارِئو، ڪَرَھا ڪَرِ ڪَمائِي، تُنھِنجِي سُڌِ سَرواڻَ کي، آھي مَعلُومُ مِڙيائِي، ڪَرِ چانگا چَڱائِي، تَہ اَچيئِي ڪَمِ ڪَشالَ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو، نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو، اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا، سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا، راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ، ھوتاڻِيءَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جِيئَن سو تَئِئَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو، وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- ڪُوڙِي راندِ ڪُوڙو چَٽَڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پتو، لَنيو جِيئَن لامين چَڙِهي، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو، ڪِ تو ڪَنين نہ سُئو،…[ سُر ڪارايل - وايون ]