سَرو جي سنڌي معنيٰ
مڌ، مند، شراب، شراب جو ھڪ ديسي قسم
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wine, a kind of local wine
سَرو جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 18 ]
سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي،
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]
جُھ سي اَڱَڻِ آيا، سَرو ڪَندا سُڃَ،
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ،
تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ،
سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 24 ]
تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ،
سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 24 ]
جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو،
نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو،
اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ دَڙو،
پَري پِئُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائُون نانھِن ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 21 ]
نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو،
اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ دَڙو،
پَري پِئُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائُون نانھِن ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 21 ]
اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا،
سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا،
راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
ھوتاڻِيءَ ھَٿان، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 9 ]
سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا،
راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
ھوتاڻِيءَ ھَٿان، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 9 ]
جِيئَن سو تَئِئَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 6 ]
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 6 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ،
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَفِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَفِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
سِسِي سي گُهرَنِ، جٖي واڻيندَلَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 33 ]
اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 33 ]
English Meaning
Wine, a kind of local wine
سَرو ٻول جا زمرا