راڻو بابت
معنيٰ
مومل راڻي جي مشھور عشقيه قصي جو هيرو. ننڍو راجا. ننڍڙي علائقي جو والي. جاگيردار. سومرا گهراڻي جي پوئين حاڪم همير سومري جي وزير جو نالو ”سوڍو“، ٺڪر.
Hero of Moomal Rano folk tale. Landlord, Name of a miniter of Hameer Soomro king.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين، سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ، غافِلُ ٿِي غُرابَ کي،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- وَکَرُ سو وِھاءِ، جو پَئِي پُراڻو نَہ ٿِئي، ويچِيندي وِلائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ سا ڪا ھَڙَ ھَلاءِ، آڳِھَ…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳِئان سَفَرُ سَٽاڻو، آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو، پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون، پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون، تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو راڻو آھيين، ڪالَهُون ڪَرَ ڪَھِيو وَڃين، ڳَڙَه پاسي ڳاھُون، اِيءَ مامَ پَرُوڙِي مُون، تَہ مارِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون، ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان، ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو، ھَنڌَ حَويلِيُون…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، ٽيڙُو اُڀا ٽيئي، راڻو راتِ نَہ آيو، ويلَ ٽَرِي ويئئِي، کُوءِ سا کاڻِي راتِڙِي، پِريان ريءَ پيئِي،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِهہ ڪَري، سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، وَڃِي مانَ وَري، آسائِتِيءَ آھِيان.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو، راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو، فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو، مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ وِندَسِئو، ڪا جَا لائِي مَينڌَري، لالِي کي لِڱَنِ، راڻو اَکَڙِيُنِ، ڪَنھِن قَولِ نَہ وِسِري.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن وِڙَ رانِئيُين، وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ، ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو، ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا، وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان، ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ ڪِي ڍولِي، ڏِسِي عَيبَ اَکِيُنِ سان، باجَهہ ڀَرِئو نَہ ٻولِي، ڪَچِيُون ڪَمِيڻِيَنِ جُون، خاوَندُ نَہ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ، چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ، سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، ھِنيين سين ھاڃُو ڪَري، وِڏُوڻِجِي وِئو، سو ڏِسڻ ڏيھُ پِئو، راڻو جَنھِن راڄَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ھُئِي جي نَہ ھُئِي، تَہ راڻو رَنجُ رَکِي وِئو، مارِيَس اِنَهِيءَ مامِري، جِيئَن سَڀَ ڪَنھِن ڳالِهہ سُئي، ڪُرَڻِ ساڻُ ڪُھِي،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو وِئو، مُنھِنجو مَنُ مَينڌَري، پائي نِيَرُ نِيو، ٻُجهان ڪو ٻِئو، سوڍي سانگُ چِتايو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي ڪارِي قِيامَتَ، اَندَرِ آڳُون لائِيُون، سوڍي جي صُحبَتَ، مارِيَسِ تَنھِن مَحَبتَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي ٿِي قِيامَ، ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ، مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي قِيامَتَ ڪارِي، جَنھِن ۾ مِيرُ مَينڌَرو، سا پَر نَہ مُون پاري، ڍولي سا ڍارِي، جِيئَن…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سوڍو تِيئَن نَہ سِکِئو، جَڳُ جِيھين چوءِ، راڻو تِيئَن نَہ روءِ، ڳوڙھو جِيئَن ڳَلِ ڳَڙي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، مُرادِي مَنجِهنِ، ٻيٽِيُون راجا نَندَ جُون، چاکيَ پَرِ چَلَنِ، راڻو مَٿان تَنِ، اوچِتوئِي آيو.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا سَڀَيئِي، رَتا راٺوڙِيُنِ جا، ٻِيڙَنِ ھَٿَ پيئِي. ناتَر اُتِ نيئِي، راڻو رَتِ رَساڻِئو.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ، مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري، ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ، کاڻِيُون لوٺِيُون…[ سُر راڻو - وايون ]
- آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا، ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ، ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]