راندِ بابت
معنيٰ
کيل، بازي، کيڏ. رونشو، وندر. تماشو. ٺينگ ٽپو. پتي راند. جوا. ملهہ. سولي ڳالهہ.
Play, game, sport,
بيتن ۽ وائين ۾
- مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ڪانِهي راندِ، مَعشُوقَنِ مَھاندِ، لَکين لِيلائي مُئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ناھي راندِ، حَبِيبَنِ ھيڪاندِ، سَگَهنِ ٿِيي نَہ سَيِّدُ چئَي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀَرُو، جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ، سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ، پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي، اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو، صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ھَڻَڻُ ھَڪلَڻُ ٻِيلِي سارَڻُ، مانجِهيان اِيءُ مَرَڪُ، وِجَهن تان نَہ فَرقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مانجِهيان اِي مَرَڪُ، وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين، وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ، ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين، مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ، رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا، ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون، جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ، اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- سَسُئِيءَ جي سِرِيءَ سين، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، آرَياڻِيءَ آندِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ ھُئِي ماندِي،…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڪوھِيارِي جِي ڪا ماريندِيَمِ ماءَ، جا مَنَ اَندَرِ ڳالِهڙِي، چَڙھان ڏاڍِين ڏُونگَرين، سُپيرِيان جي ساءِ، ھوتَ ھَلَنِ آئُون وِھان، تان…[ سُر حسيني - وايون ]
- سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ، اَگرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ، اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مَٿي تاڪَ تَڙَنِ، ٻاٽَنِ لاھُوتِي لَطِيفُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن وِڙَ رانِئيُين، وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ، ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڍولا ڪُڄاڙِئا، ٻُولايو ٻوڏُ چَئِين، آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿِيان.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مُون کي مُون پِرِيَنِ، ميرِي ڪَري نَہ مَٽِئو، ھِڪا ڳُڻَ ڳچِيءَ ۾، ٻِئا سيراندِيان سُونھَنِ، آئُون ڪِيئَن سَندي تَنِ، ڪُلهَنِئان…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جيڪَرَ ڄاڻي ڄامُ، تَہ ڪا نَوازِبِي نُورِي، سَندو مي مُقامُ، ھُوندَ سَمي سيراندِيءَ ڪِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]
- ڪُوڙِي راندِ ڪُوڙو چَٽَڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پتو، لَنيو جِيئَن لامين چَڙِهي، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو، ڪِ تو ڪَنين نہ سُئو،…[ سُر ڪارايل - وايون ]