رائو بابت
معنيٰ
تمام سنهي ريتي. ڪَڪري. هوا ۾ اُڏامندڙ مِٽي.
Gravelly sand or dust in stony country. The gravel stone. Hill sand
بيتن ۽ وائين ۾
- جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، جَڏھِن جوڙِيائِين، خاوَندُ خاصُ خَلِقي، مُحَّمَدُ مُڪائِين، ڪَلمُو تَنھِن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائِين، اَنا مولاڪَ وَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو، اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا، جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، اُٿِي رائو ريلِ، ھيڪَرَ اُٿِي ھوتَ لاءِ، ٻَڌُ چِتائي چيلِهہ، ٿَڪِيائِي تُون ٿِيلِهِہ، تَہ پَهچين…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ، رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ٿَڪِيائِي ٿَرُ ٿيلِهہ، چَڙُه چُڪِيائِي چوٽِيين، ھَلَندي ھوتَ پُنهون ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيلِ، اُٿِي رائو ريلِ، ويٺِيَنِ تان وارِي وَري.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ، ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ، ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو، تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو، جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو، رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪُو ڪِئو پُڇي ڪوھُ، ھَي ڪِئو ھَڻي ھَٿَڙا، سا ڏُکان ئِي نَہ ڏي، مَٿي ڏيرَنِ ڏوھُ، رائو روئِي روھُ، مُنڌَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- رائو سَڄائِي راتِ، اوٺِيَنِ گهَڻو اُڇَلِئو، بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ، وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جيءَ تاتِ،…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو، ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھَلي، پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ، مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- رائو رِڃُ رَھُون، جِتي نِينھان نِڪَڻِي، لَڳئو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِئو ٿِين ڇَھُون، تان ڪا سارَ لَھُون، ھوتَ ڪَمِيڻِيءَ سُپِرِين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- تان ڪِي وَٽِنِ وَڃُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، رائو چِتائي رُڃَ، اِھَڙا جَنِ اُھِڃَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجَهہ جِي ڪِجِ مَ ڳولَ، ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ، جو ٻَھُون پاري…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]