رائو جي سنڌي معنيٰ
تمام سنهي ريتي. ڪَڪري. هوا ۾ اُڏامندڙ مِٽي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Gravelly sand or dust in stony country. The gravel stone. Hill sand
رائو جا بيتن ۾ حوالا
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، اُٿِي رائو ريلِ،
ھيڪَرَ اُٿِي ھوتَ لاءِ، ٻَڌُ چِتائي چيلِهہ،
ٿَڪِيائِي تُون ٿِيلِهِہ، تَہ پَهچين ڄامَ پُنهونءَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 22 ]
ھيڪَرَ اُٿِي ھوتَ لاءِ، ٻَڌُ چِتائي چيلِهہ،
ٿَڪِيائِي تُون ٿِيلِهِہ، تَہ پَهچين ڄامَ پُنهونءَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 22 ]
ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،
رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
جَتُ وَڃي ٿو جورِ اُپُڙُ تَہ اوڏِي ٿِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 2 ]
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،
رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
جَتُ وَڃي ٿو جورِ اُپُڙُ تَہ اوڏِي ٿِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 2 ]
ٿَڪِيائِي ٿَرُ ٿيلِهہ، چَڙُه چُڪِيائِي چوٽِيين،
ھَلَندي ھوتَ پُنهون ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيلِ،
اُٿِي رائو ريلِ، ويٺِيَنِ تان وارِي وَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 25 ]
ھَلَندي ھوتَ پُنهون ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيلِ،
اُٿِي رائو ريلِ، ويٺِيَنِ تان وارِي وَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 25 ]
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ،
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو،
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو، ٿِئو سَوَلو طالِعُ ساٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 9 ]
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو، ٿِئو سَوَلو طالِعُ ساٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 9 ]
ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو،
رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 9 ]
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو،
رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 9 ]
ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو،
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 1 ]
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو،
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 1 ]
سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھَلي،
پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ،
مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏي پاراتو پِرِين کي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 15 ]
پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ،
مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏي پاراتو پِرِين کي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 15 ]
رائو رِڃُ رَھُون، جِتي نِينھان نِڪَڻِي،
لَڳئو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِئو ٿِين ڇَھُون،
تان ڪا سارَ لَھُون، ھوتَ ڪَمِيڻِيءَ سُپِرِين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 17 ]
لَڳئو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِئو ٿِين ڇَھُون،
تان ڪا سارَ لَھُون، ھوتَ ڪَمِيڻِيءَ سُپِرِين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 17 ]
تان ڪِي وَٽِنِ وَڃُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، رائو چِتائي رُڃَ،
اِھَڙا جَنِ اُھِڃَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 4 ]