داتا بابت
معنيٰ
ڏيندڙ، ڏيڻ وارو، ڏاتا، ڏاتار. خيرات ڪندڙ. بخشش ڏيندڙ، داني. سخاوت ڪندڙ، سخي. درياءُ دِل، اُدارَ چِتُ، فراخ دِل، فَياض. روزي ڏيندڙ، رَزَاق، رازِقُ.
Donor, giver, generous, liberal, imparting, bestowing, giving. giver, patron, donor, benefactor one who gives generously, benefactor, God. the Creator
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾، جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو، ميڙو ٿِيندو…[ سُر سارنگ - وايون ]
- جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ، سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ، ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- راجا کي ٽِينءَ راتِ ۾، ٻُڌايو ٻِيجَلَ، سَھِسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻِئا پُڻ داتا دَلَ، آيُسِ مَنِ اُڇَلَ، تيلاھِين تو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ، پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ، داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا، تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- وِسَھُ اِنَهِيءَ ويڻَ کي، جِيئَن دَعوَتَ ڪِي داتا، مَضمَضا واتا، وِجُهہ تَہ ڏيئِي واتَ ۾.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- جيھُسِ ڪونَہ جَھانَ ۾، سِنڌُ سُورَتَ ھِندُ ھاڻِ، دَرِ داتا مَڱُ مَنگَتا، ٻِئي جِي ڪَڍُ مَ ڪاڻِ، پاٽُوندَرُ پاڻُ، مَنَ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ويٺو پَسُ، تَنھِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلودو آزارَ سين.[ سُر بلاول - وڳند ]
- داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ٿِي ويٺو، بَصَرَ سين بازارِ ۾، ڪَرَ واڻِيو ڄيٺو، دَرنِ تَنھِن پيٺو، جِتِ ڪُفرُ تان…[ سُر بلاول - وڳند ]
- ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين، اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو، وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،…[ سُر بلاول - وايون ]
- صُبوحَ جو سُڀِراجُ، ڪَرِ داتا جي دَرَ تي، سَندو ڪوجَهنِ ڪاڄُ، آھي حاتِمَ ھَٿَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- داتا سَندي دَرَ تي، پَلَيءِ پاتائُون، وَٽِئائِين جي وِڙَنِ سين، اَمُلَ آندائُون، کَنڊُون کاڌائون، پائي چَڪُ چانئُٺِ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]