اُڀي بابت
معنيٰ
بيٺي، بيھڻ واري حالت ۾. (صفت) سنئين سِڌي هيٺ کُتل يا مٿي کڙي ڪيل.
Standing, straight, vertical.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَمِي کَمِي نِهارِ تُون، ڏَمَرُ ڏولائو، ٿِئي ساڃائو، جي اُڀيين اِنَهِيءَ پيرَ تي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون اُڀي ھُنَ ٿيلِهيو، سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ، وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي…[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ چوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ، آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ، آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ، وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ، ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ، اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا، ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ، ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي پَھِيَڙا، ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ، مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- جَا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين، ڊِنگَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون، ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀي ڍَنگهَرَ جَهلَ، ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا ھُونگَ نَہ ھُون، سَڄَڻَ اُنِهين ساعَتَ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون، مُون تَنَ تَڏاھانڪُون، مِلِي…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ڪَرِئو مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، اُڀيائِي آھي، جا مَٿي ڏِنِيَسِ مارُوئين، سا لوئِي نَہ لاھي، سُومَرا ساھي، تَنھِن سَتِيءَ وِجُهہ مَ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- عُمَرَ اَڄُ گَڏِئامِ، ڏوٿِي اُنِهين ڏيھَ جا، پارانڀا پِرِيَنِ جا، اُڀي اُنِ چَيامِ، لَھِي لوھَ وِئامِ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ، بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ويڙِهيچا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- سَمي سامائي، مانُ لَڌو ميئِيين، نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندَرِيءَ، اُڀي اِنَ پَرِئي چايائين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]