اُڀي جي سنڌي معنيٰ
بيٺي، بيھڻ واري حالت ۾. (صفت) سنئين سِڌي هيٺ کُتل يا مٿي کڙي ڪيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Standing, straight, vertical.
اُڀي جا بيتن ۾ حوالا
جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون اُڀي ھُنَ ٿيلِهيو،
سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ،
وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي رَسِ سين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 5 ]
سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ،
وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي رَسِ سين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 5 ]
مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 5 ]
ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 5 ]
مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ چوڙِئا،
ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 6 ]
ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 6 ]
مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 7 ]
ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 7 ]
مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا مان ڳَري.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 8 ]
ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا مان ڳَري.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 8 ]
سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ،
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا،
ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ،
ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 9 ]
ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ،
ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 9 ]
مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي پَھِيَڙا،
ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ،
مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 25 ]
ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ،
مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 25 ]
جَا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين،
ڊِنگَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 5 ]
ڊِنگَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 5 ]
رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀي ڍَنگهَرَ جَهلَ،
ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 18 ]
ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 18 ]
English Meaning
Standing, straight, vertical.