گَڏُ بابت
معنيٰ
ڪَٺو، ڀيڙو، همراھ، لاڳيتو، ساٿ، شامل، گڏيل، ساڻ، مشترڪ، سهڪاري، شراڪتي، ڀائيوار، حصيدار، جوڙيدار، ٻِٽو، سَنگي، پتيار. جهجهو، گهڻو، هيڪاندو، زياده.
Together, jointly.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين، ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو، پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو، جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- تَہ تُون لَڏِجِ سونَ، جُھ صَرافَنِ لَڏِئو، قَدُرُ لَھَندَءِ ڪو نَہ، نيئِي گَڏيِندَءَ گَڏُونءَ سين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِين جَوھَرِي، ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ، تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سُڪي ھُئَڙا گَڏُ، ٻانڊَ مِڙيئِي ٻيٽَ ۾، جَڏھِن ساوَڻَ ٿِيُنِ سَڏُ، لُڙِھِيُ لَهِوارا ٿِئا.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ پَساھَ، ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ، جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ، جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان گهَرِ اَچين سُپِرِين، ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي، جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ، ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ، جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ گهارِينِ، واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ، گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- چُڻي نَہ ٻِئَنِ گَڏُ، وَڏي وَڳَرَ ھيرُئِين، ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱِڻو، نَہ ڪَنھِن نِيو پاڻَ سين، نَہ ڪَنھِن ڪِئو گَڏُ، سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، کَڻِي ڏَڏُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- چَئِي ڪُن فَيَڪُون ، ٿي خَلَقِئا رُوحَ خُدا، گَڏُ جِتِ گُذرانُ ھو، جَڙَ لَڳِي تَنھِن جاءِ، مُون تَوِھِين سين آھِ،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- مارُو رَهَنِ مِٺي، ڪَوڙي رَهَنِ نَہ ڪَڏِهِين، عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ٿِئَڙَمِ ڏِينھَن ڏِٺي، اُنِين ساڻُ اُٺي، گَڏُ گُذارِئَمِ ڏِينھَڙا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، عَيشُ اَعرابِيَنِ، اِنّا فَتَحْنا الَّذِيْنَ ، ٿا قُلوبان ڪَھَنِ، لَحَمُ لَبَنُ گَڏُ ڪِئو، تَمَرُ تاڪُلُ ڪَنِ، سَدائِين،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]