Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر کاھوڙي جَي ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر جو بيت
مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ گهارِينِ،
واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ،
گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 65 سيڪڙو
سمجهاڻي
مون انهن کاهوڙين کي ڏٺو، جيڪي پنھنجن گهرن ۾ نٿا گذارين. هو هڪ ڌڻيءَ جي آسري تي ٿڌ ۽ پاري ۾ هلندي ڳوڙها ڳاڙيندا وتن ٿا. هو هر وقت خدا جي خوف ۾ پيا گذارين. هنن تان اهو دائمي دک درد لھي ئي ڪو نہ ٿو.
[هنن ۽ ايندڙ ڪجهہ بيتن جي پس منظر طور مثنوي رومي جو بيت ڏسو:
مردن تن در رياضت زندگي سَت،
رنج اين تن روح را پايندگي ست.
(دفتر سوم، ب- 3365)
معنيٰ: ظاهري جسم کي رياضت سان مارڻ زندگي آهي ۽ هن بدن جي ڪشالن سان روح جي راحت ۽ هميشه وارو آرام آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मूं खाहोड़ी लखिआ। घरें न घारेनि।
वाहिद लगि॒ विलुहनि में। रोयो जरु हारेनि।
गूंदरि गुज़ारीनि। जु डो॒थी डु॒थु गडु॒ थिआ।
ROMAN SINDHI
Moon Khaahorri likhiya, gharen na ghareen,
WaHid'a lagg waluhn me, royo jar'u hareen,
Goondar'u guZareen, Juh Dothee Duth'u gaD'u thiya.
TRANSLATIONS
I have noticed that these wanderers do not reside in their houses. For the sake of Allah they wander hither and thither exposing themselves to extremes of weather all the time weeping and remembering Allah. All such wanderers, who are totally absorbed in acquiring the spiritual knowledge, pass their lives in sadness (arising out of non-completion of their programme).
Note: The Nakshbandis like other spiritualists, emulate the instance of the Prophet and at a particular stage of life, take to prayer and meditation away from their abode.
I saw such Khhahoris, who live not in houses,
For the Only One, in cold outside they shedding tears remain.
I saw Khhahoris, who stay not at home,
Bearing cold winds they shed tears for their Lord,
Dothis found Duth when they under went suffering.
أنا رأيت المشتاقين والمجتهدين الذين لا يعيشون ولايسكنون فى بيوتهم هم ﷲ يبكون وينوحون فى الرياح الباردة ويصبون الدموع من عيونهم.
منذ المشتاقون جمعوا حبوب الغلال يعيشون فى الهم والحزن.
مرمٹے ہیں خداے واحد پر
ڈتھ کا ملنا ہے اب انہیں آساں
وہ گھروں میں کبھی نہیں رہتے
چھان مارے ہیں سیکڑوں میداں
چشم پرنم نگاہِ غم آلود
ڈوتھیوں کی ہے بس یہی پہچاں
دیکھے ایسے کھاہوڑی جو، چین سے بیٹھ نہ پائیں،
رب کے کارن دکھڑے سہہ کر، نین سے نیر بہائیں،
دکھ میں عمر بتائیں، جبھی ثمر وہ پائے ہیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُٿِئو اُٿِئو ڪَنِ، ھَلو ڏورِيُون…
- (بيت) تان وَنءُ ويھِي آءُ، اَڱَڻِ…
- (بيت) تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئا، سَنجهي سَعيو…
- (بيت) جيڪو ڏُٿُ ڪَري، تَہ ڏُونگَرَ…
- (بيت) رائو رِڃُ رَھُون، جِتي نِينھان…
- (بيت) سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرڪَڻا…
- (بيت) مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنِي…
- (بيت) مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِي…
- (بيت) مُون کاھوڙِي لَکِئا، سُمَهنِ ڪِينَ…
- (بيت) مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ…
- (بيت) وَيُون پَٻِ پَئِي، کيرُون کاھوڙِيَنِ…
- (بيت) وِئا وِھائُو، ڏوٿِي ڏورا ڏُٿَ…
- (بيت) پارِئا پُڇِي آءُ، خَبَرَ کاھوڙِيَنِ…
- (بيت) پيرين پُراڻا کيٿِڙا، سُڪا مُنھَن…
- (بيت) ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ…
- (بيت) ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ…
- (بيت) ڏوري ڏوري ڏيھَ، ماءَ کاھوڙِي…
- (بيت) ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ…
- (بيت) ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،…
- (بيت) ڏُٿُ گَهڻا ئِي ڪَنِ، ھِنَ…
- (بيت) ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،…
- (بيت) کاھوڙِي کِجَنِ، پَسِئو پورِھِيَتِ ويسَرا،…
- (بيت) کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا،…
- (بيت) کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا…
- (بيت) کَڻَنِ نَہ کَرڪاڻَ، پَنڌِ پَراھين…
- (بيت) کِڄِئا کاھوڙِي، پَسِي پورِھِيَتِ ويسَرا،…
- (بيت) ڪِ ڪي کاھوڙِي، ڇَپَرَ ۾…
- (بيت) ھُوءِ ڏوٿِي ھُوءِ ڏِينھَن، ھُوءِ…
